اسلام آباد (م ڊ) سئي سدرن گئس ڪمپني اوگرا کي درخواست ڪئي آهي ته پهرين جولاءِ 2024ع کان گئس جي قيمتن ۾ 324 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وڃي، جنهن سان واهپيدارن تي 79.63 ارب رپين جو بار پوندو. ڊان نيوز موجب سئي سدرن گئس ڪمپني اوگرا کي درخواست ڪئي آهي ته نئين سراسري قيمت 1740.80 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وڃي. سئي سدرن گئس ڪمپني ايندڙ مالي سال لاءِ درخواست ۾ مجموعي روينيو شارٽ فال 79 ارب 63 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو آهي، جنهن تحت 56 ارب 69 ڪروڙ رپيا لوڪل گئس ۽ 22 ارب رپيا آر ايل اين جي جي مد ۾ آهن، جڏهن ته 22 ارب 93 ڪروڙ، 50 لک رپين جي روينيو خساري اندازو لڳايو ويو آهي. ٻئي طرف اوگرا سئي سدرن جي درخواست تي اڄ ڪراچي ۽ 20 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ ٻڌڻي ڪندي، اوگرا جي فيصلي بعد حتمي منظوري وفاقي حڪومت ڏيندي. ياد رهي ته موجوده مالي سال دوران گئس اگهن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي. پهرين نومبر 2023ع کان گئس جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ پهرين فيبروري 2024ع کان گهريلو صارفين لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 67 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال ۾ واهپيدارن تي اڳ ئي 643 ارب رپين جو اضافي بوجھ پئجي چڪو آهي.