اسلام آباد(م ڊ) پي آءِ اي جي عملي جي ميمبرن پاران ڪئناڊا پهچي اتي گم ٿيڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، بي بي سي موجب 29 فيبروري تي پي آءِ اي جي فلائيٽ پي ڪي 782 جي عملي جو اسٽيورڊ جبران بلوچ پنهنجي رپورٽنگ ٽائم تي هوٽل کان ايئرپورٽ روانو نه ٿيو، جهاز جي ڪيپٽن سميت پوري عملي کي خبر پئجي چڪي هئي ته سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو،فيبروري تي آخر ۾ ايئرهوسٽس مريم رضا ۽ ان کان اڳ جنوري ۾ فائزه مختار به ڪئناڊا مان پنهنجي فلائيٽ مان پاڪستان واپس نه آيون هيون،بي بي سي موجب گذريل سال جي آخري ٻن مهينن دورنا پي آءِ اي جي فلائيٽ ڪريو جا چار ميمبر ائين ئي غائب ٿي چڪا هئا، پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان مطابق گذريل ڏيڍ سال دوران عملي جا 10 ميمبر ڪئناڊا جي فلائٽس تي وڃڻ بعد واپس نه آيا، هڪ راءِ اها آهي ته ان جا سبب پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ بگڙجندڙ معاشي صورتحال ۽ پي آءِ اي جي ايندڙ ڏينهن ۾ نجڪاري سان ڳنڍيل آهن اتي پي آءِ اي جي دعويٰ آهي ته اهو اصل ۾ ڪئناڊا ۾ پناهه وٺڻ بابت لبرل قانون آهن جنهن جو فائدو پي آءِ اي جي عملي پاران کنيو پيو وڃي
-
پي آءِ اي ايئرهوسٽس بغير پاسپورٽ ڪئناڊا پهچي وئي!
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي هڪ ايئر هوسٽس ڪراچي کان ٽورنٽو ويندڙ اڏام ۾ بغير پاسپورٽ جي ڪئناڊا پهتي.ايئر لائن ذريعن موجب 15 مارچ تي اسلام آباد کان ٽورانٽو جي اڏام پي ڪي 781 تي پي آءِ اي جي ايئرهوسٽس ڊيوٽي تي هئي ته ايئرهوسٽس پنهنجو پاسپورٽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏي هلي وئي هئي.پي آءِ اي ترجمان موجب ايئرهوسٽس جي ڪئناڊا ۾ رهڻ ۽ سياسي پناهه وٺڻ جون خبرون درست نه آهن، پاسپورٽ کانسواءِ سفر ڪرڻ جو ڏنڊ پي آءِ اي تي نه پر ٽورانٽو کان فلائيٽ پي ڪي 782 تي واپس ويندڙ ايئرهوسٽس تي هو.