اوٻاوڙو( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)سنڌ توڙي پنجاب جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل صادق آباد جو ٻيون مغوي ڀنگ نه ملڻ سبب بيدردي سان قتل لاش دريائي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪري ويا گھر ۾ ڪھرام ڪيس داخل نه ٿي سگھيو تفصيل موجب اوٻاوڙو سنڌ توڙي پنجاب جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي ڌاڙيلن جو راڄ ڀنگ نه ملڻ تي ڌاڙيلن ھٿان صادق آباد جو ٻيو مغوي قتل لاش ڦٽو ڪري ويا پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل ڪجھ ڏينھن اڳ صادق آباد جي رھواسي شھزاد کي نامعلوم ھٿيار بند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا ڏوھارين پاران ڳرو ڀنگ طلب ڪيو ھو وارث غربت سبب ڀنگ نه ڀري سگھيا ڀنگ نه ملڻ سبب بي رحم ڏوھارين نوجوان شھزاد کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪري لاش پنھون خان ڪالوني لڳ دريائي علائقي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪري ويا علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي صادق آباد پھچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو رحيم يار خان واسي مقتول احسن جي جنازي نماز جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق پڙهائي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي سرابرهه سراج الحق جو چوڻ هو ته ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ سيڪيورٽي ادارن تي سواليا نشان آهي، سراج الحق مقتول احسن جي گهر وڃي سندس ڀائرن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات به ڪئي. پوليس موجب رحيم يار خان واسي ٻنهي ڄڻن کي 13 ڏينهن اڳ ڇت ٺاهڻ جي بهاني گهرائي ڪري اغوا ڪيو ويو هو.