اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو آهي جنهن جي تحت نان فائلرز پراپرٽي جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪيو ويندو. تفصيل موجب حڪومت ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ۽ سموري هائوسنگ سوسائٽيز کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو يقين آءِ ايم ايم ايف کي يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه حڪومت نان فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس ۾ اضافي جي تجويز ڏني آهي.. جڏهن ته پراپرٽي جي خريداري تي روڪ رقم جي بجاءِ بينڪ ذريعي ڏيتي ليتي جي به تجويز ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم جي وچ ۾ اقتصادي جائزه ڳالهين جي ٽئين ڏينهن حڪومت رئيل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
-
7 شهيد جوان سڄي قوم جا هيرو آهن: محسن نقوي
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته مير علي ۾ شهادت ماڻيندڙ لييفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف، ڪيپٽن مهمد احمد بدر سميت 7 جوان سڄي قوم جا هيرو آهن، پاڪستان قوم پنهنجي بهادر هيرن کي سلام پيش ڪري ٿي، آڇر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جي جرئت مند جوانن شهادتون ماڻي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناپاڪ بڻائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي آفيسر ۽ جوانن پنهنجي قيمتي رد ٿئي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تاريخ رقم ڪئي آهي، محسن نقوي چيو ته وطن جي شهيدن جو لازوال قربانيون فراموش جوڳيون ناهن، شهيد اسان جو فخر آهن ۽ شهيدن جو عظيم قربانيون رائگان نه وينديون.
-
ايف آءِ اي سڄي ملڪ مان 87 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو
ڪراچي (م ڊ) لبيا ۽ يونان ٻيڙي حادثي جي رپورٽ کان پوءِ ايف آءِ اي سڄي ملڪ مان 87 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي اميگريشن شعبي ۾ مقرري جي حوالي سان بيلڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، خبر موجب ايف آئي اي پاران جاري ڪيل حڪمن ۾ سپاهي کان وٺي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي سطح جي اهلڪارن ۽ آفيسرن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو، بليڪ لسٽ ڪيل اهلڪارن کي اميگريشن کان علاوه اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪلز ۾ به مقرري تي پابندي هوندي، ايف آئي اي عملدارن ۾ شامل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي باقائدي انڪواري کان پوءِ بليڪ لسٽ ۽ پابندي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. بليڪ لسٽ لاري جاري حڪمن ۾ ڪراچي زورن جا 13، جڏهن ته ايف آئي اي سکر جا 2 آفيسر شامل آهن، ٻين آفيسرن ۽ اهلڪارن جو تعلق گجرانوالا، پشاور، ملتان، اسلام آباد، ڪوهاٽ، لاهور، فيصل آباد ۽ بلوچستان سان آهي، ڄاڻايل اهلڪارن کي يونان ۾ ٻيڙي واري حادثي کان جاچ ۾ ذميوار قرار ڏنو ويو هو.