پشاور(م ڊ) ڪسٽم عملدارن طورخم تي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي هڪ باورچي وٽان 70 هزار آمريڪي ڊالر هٿ ڪيا.اختيارين موجب ڪسٽم ڊپارٽمينٽ جي هڪ سپاهي ذڪريا کي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي آفيشل ميس تي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن هو آمريڪي ڊالرن سان ڀريل ٻه پيڪيٽ هڪ اڻڄاتل افغان شهري کي بارڊر زيرو ڪراسنگ پوائنٽ تي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.هنن چيو ته افغان شهري پنهنجي ملڪ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ذڪريا کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ سندس قبضي مان 70 هزار ڊالر هٿ ڪيا ويا.اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ته طورخم جو قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ڪرنسي اسمگلنگ ۾ ڪيئن ملوث ٿيو.گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ هي ٻيو واقعو آهي جنهن ۾ سرڪاري آفيسر ڪرنسي اسمگلنگ ۾ ملوث نڪتو آهي، ڪسٽم عملدارن پنهنجي ئي ٻن اهلڪارن، هڪ انسپيڪٽر ۽ هڪ سپاهي کي افغانستان ۾ آمريڪي ڊالر اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.