نصير آباد (رپورٽ بشيراحمد بروهي)گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ رحمون کوسو ۾ 8 ڏينهن تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪيل 5 ورهين جي معصوم نينگري شبيران کوسو جا قاتل 8 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جڏھن ته پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيو قتل ٿي ويل معصوم نينگري شبيران کوسو جي ڳوٺ رحمون کوسو پهچي نينگري جي وارثن سان تعزيت ڪئي آھي ۽ نينگري جي قتل بابت وارثن کان واقعي جا تفصيل ورتا آهن. ان موقعي تي نينگري جي وارثن کي پ پ ايم پي اي برهان خان چانڊيي چيو ته اڄ شام جو توهان قمبر اچجو ته گڏجي ايس ايس پي قمبر ڪليم ملڪ سان جوابدارن جي گرفتاري بابت ڳالهائينداسين. ٻئي طرف نينگري جي وارثن بخشل کوسو روشن کوسو ديدار کوسو ۽ ٻين چيو ته اٺ ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين گاجي کهاوڙ پوليس نينگري جا جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي جڏھن ته گاجي کهاوڙ پوليس رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي.