نيب ڪرپشن الزام ۾ پنهنجو ئي آفيسر گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪرپشن جي الزام ۾ ڪراچي مان پنهنجي ئي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب ڪراچي ۽ اسلام آباد جي نيب عملدارن گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي مان ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب عمران شيخ کي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن کان رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ورتو.نيب آفيسر تي چيڪن جي صورت ۾ رشوت وٺڻ جو الزام آهي ۽ ڪيترائي چيڪ ڪيش پڻ ڪيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب گرفتار آفيسر کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب گرفتار ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب عمران شيخ کي اڄ اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.