سنڌ جي گورنر جي نالي تان ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف وڌي ويا

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي خوش بخت شجاعت جو نالو سنڌ جي گورنر لاءِ سامهون اچڻ کانپوءِ پارٽي اندر پئدا ٿيل اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن. انيس منصوريءَ جي وي لاگ موجب ميڊيا ۾ خوش بخت شجاعت جو نالو گورنر لاءِ فائينل ٿيڻ بابت آيل خبرن کانپوءِ پارٽي وارن جو ئي چوڻ آهي ته هن جون ايم ڪيو ايم لاءِ ڪي به وڏيون خدمتون ناهن پر گذريل اليڪشن ۾ پڻ کيس فاروق ستار جي سيٽ تي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي  هئي. پر هن اليڪشن م حصو نه ورتو، ڪجهه ڌرين ئي ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ ۽ خوش بخت شجاعت کي گورنر بڻائڻ جون ڄاڻي واڻي خبرون هلايون. وي لاگ موجب ايم ڪيو ايم کي رڳو پنج ماڻهو هلائن ٿا. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن جو نالو سگهارين ڌرين ڏنو آهي پر پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ ان تي خوش ناهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.