پ پ سان اتحاد تي بيٺل سرڪار لاءِ صوبن جو حصو گهٽائڻ ڏکيو

اسلام آباد : آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر جوڙجڪ تي زور ڀريو آهي. اينڪرپرسن ۽ تجريہ ڪار منصور علي خان پنهنجي  وي لاگ ۾ ٻڌايو آهي ته اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان سرڪار ۾ قرض جي نئين قسط لاءِ هلندڙ ڳالهين ۾ اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ تي زور ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته اين ايف سي ۾ وفاق جو حصو گهٽ ۽ صوبن کي گهڻو شيئر ڏنو وڃي ٿو، اهو گهٽايو وڃي. منصور علي خان موجب جيڪڏهن حڪومت اين ايف سي ايوارڊ م صوبن جو حصو گهٽايو ته ان جي اتحادي پيپلزپارٽي ناراض ٿي ويندي، جيڪا ڳالهه نواز ليگ حڪومت لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي هوندي. ڇو ته موجوده حڪومت پيپلزپارٽي کي ناراض ڪرڻ جو جوکو نه کڻندي، ان لاءِ ته حڪومت جو وجود ئي پيپلزپارٽي جي اتحاد تي ڀاڙي بيٺل آهي، ان جي ناراضگي حڪومت لاءِ ڏکي ثابت ٿيندي. ٻئي طرف آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي هيڊڪوارٽر ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن شهباز گل جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي موجوده آرمي چيف ۽ اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل باجوه جا پوسٽر کڻي سندن خلاف نعريبازي ڪئي. ان مظاهري کانپوءِ حڪومت سخت ردعمل ڏيکاريندي پي ٽي آءِ کي ملڪ دشمن پارٽي قرار ڏنو آهي ۽ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ جاري سياسي جنگ تيز ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.