ڪراچي (م ڊ) رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بينڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 3 پئسا، جڏهن ته ڪاروباري هفتي ۾ 30 پئسا گهٽتائي ٿي، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 74 پئسا آهي، انٽر بينڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 278 رپيا 77 پئسن تي بند ٿيو هو، ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر هڪ پئسو گهٽ ٿي 287 رپيا 25 پئسا آهي. جڏهن ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو منفي ڏهاڙو رهيو، اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انديڪس 247 پوائنٽس گهٽ ٿي 64 هزار 816 تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 594 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، انڊيڪس گهٽ ترين سطح 64 هزار 759 رهي.