حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن جو حصو گهٽائڻ کان انڪار

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان نيشنل فنانس ڪميشن (ايف ايف سي) ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي جو آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته آءِ ايم ايف پي آءِ اي سميت ادارا خانگائڻ جو ٽائيم فريم طلبي ورتو آهي. حڪومتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جي حصي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو هو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي فارمولي  ۾ تبديلي جو آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اين ايف سي تي آئين خلاف ڪا تجويز منظور نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب وفاق جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ لاءِ متبادل ذريعي ڳوليا ويندا، اين ايف سي تي ترميمن جو مطالبو آءِ ايم ايف اڳ به ڪندو رهيو آهي، اين ايف سي تحت صوبن جو حصو گهٽ نٿو ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي جي خرچن ۾ وفاق ۽ صوبي گڏجي نئين حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا، وفاق ۽ صوبن ۾ بجلي نقصان گڏيل طور تي برداشت ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي، سيڪيورٽي بابت خرچن تي به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي. حڪومتي ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي خرچن تي به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي. واضح رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ تحت 1.1 ارب ڊالرن جي ٽين قسط جاري ڪرڻ کان اڳ جائزي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرر شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو . ذريعن موجب آءِ ايم ايف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ ڊجيٽلائيزيشن تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ورتو آهي. ان کان سواءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ عملي کي استعمال ڪرڻ بدران ٽيڪنالوجي استعمال تي اتفاق ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت پاران آ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.  ڳالهين دوران حڪومتي عملدارن آءِ ايم ايف کي زراعت، دڪانن ۽ ريئل اسٽيٽ تي پورو ٽيڪس وٺڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي .  ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس فراهم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس جي فراهمي جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته وفد عالمي مارڪيٽ ۾ ڪميوڊيٽي پرائيس مستحڪم ۽ پاڪستان ۾ نرخ وڌڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد توانائي، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ توانائي واري وزارت جي اختياري گردشي قرض، ٽيرف، آئوٽ لُڪ ۽ ڪاسٽ سائيڊ رفارمز تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ايف بي آر اختيارين ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٽيڪس پاليسي، بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ماڻهن، آئوٽ لُڪ ۽ ڊويلپمينٽ، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪسيشن ۽ رٽيلرز لاءِ ٽيڪس ميڪنزم تي بريفنگ ڏني ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرز شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي به دستاويزي بڻائي ٽيڪس سسٽم ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف وفد جي اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير، توانائي ۽ ايف بي آر جي عملدارن شرڪت ڪئي،۽ بريفنگ ڏني .ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي بجلي ۽ گيس جا گردشي قرض منجمد رکڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس چوري ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف حڪومتي ڊسڪوز جي انتظاميا نجي شعبي کي ڏيڻ جو ٽائيم فريم گهري ورتو آهي، آءِ ايم ايف وڌيڪ نقصانن وارن علائقن ۾ بجلي بل وصولي آئوٽ سورس ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، آءِ ايم ايف ڪيپٽو پاور پلانٽس کي مقامي گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي شعبي ۾ چئن وڏن پلانٽس کي مڪمل انگن تي هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کانسواءِ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.ايف بي آر ذريعن موجب، ڳالهين دوران ٽئڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ عملي بدران ٽيڪنالوجي جو استعمال وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. اختيارين طرفان آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ايف بي آر هلندڙ مالي سال ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رئيل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز کان ٽئڪس اوڳاڙي جي خاطري ڪرائي آهي.

  1. پاڪستانين جو سڀ کان اهم مسئلو مهانگائي ۽ بيروزگاري قرار، لوڊشيڊنگ تي به ڳڻتي

اسلام آباد( م ڊ)  مهانگائي ۽ بيروزگاري بابت پاڪستانين جا خدشا ڪجهه ته گهٽ ٿيا آهن، پر اهي اڃا تائين انهن کي درپيش اهم مسئلن جي فهرست ۾ سرفهرست آهن.اپسوس پاڪستان جي ڪنزيومر ڪنفيڊنس سروي ۾ سڄي ملڪ مان 1000 کان وڌيڪ  ماڻهن حصو ورتو. سروي 2024 جي پهرين ٽه ماهي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مهانگائي 51 سيڪڙو پاڪستانين جو بنيادي مسئلو آهي ۽ بيروزگاري 16 سيڪڙو پاڪستانين جو آهي، سروي ۾ مهانگائي کي سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏيڻ وارن پاڪستانين جي شرح 53 هئي. جڏهن ته تازي سروي ۾ 2 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ اها شرح وڌي 51 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اهڙي طرح مئي 2023 ۾ 58 سيڪڙو پاڪستانين مهانگائي کي اهم مسئلو قرار ڏنو. سروي ۾ بيروزگاري کي 4 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 16 سيڪڙو تي هڪ وڏو مسئلو قرار ڏنو ويو. غربت بابت پاڪستانين جا خدشا 2 سيڪڙو وڌي ويا ۽ سروي ۾ 5 سيڪڙو رياستي ادارن جي هڪ ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت، 4 سيڪڙو بجلي جي لوڊشيڊنگ، اگهن ۾ واڌ ۽ ڪرپشن، رشوت، ملي ڀڳت ۽ اقربا پروري تي، 3 سيڪڙو قانون جي عملداري ۾ عدم مساوات ۽ پاڻي جي عدم دستيابي تي هڪ سيڪڙو پاڪستانين خدشن جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

  1. جعلي ڪرنسي جو ٽوڙ، پلاسٽڪ ڪرنسي آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ) حڪومت جعلي ڪرنسي جو ٽوڙ ڳولي ورتو، پلاسٽڪ ڪرنسي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وفد ۾ قرض جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون جاري رهنديون. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف اختيارين کي ايف بي آر سڌارن، ٽئڪس اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي، هلندڙ مالي سال ٽئڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي تي وڌيڪ فوري قدمن تي به بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ اختيارين طرفان جعلي ڪرنسي جي روڪٿام لاءِ نوان پلاسٽِڪ نوٽ جاري ڪرڻ بابت پلان تي آءِ ايم ايف وفد کي آگاهي ڏني ويندي.

  1. رمضان جي پهرين هفتي مهانگائي جو طوفان، ٽماٽا، بصر  ۽ ڪيلا مهانگا، غريبن جا مٿي تي هٿ

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب رمضان المبارڪ جي پهرئين هفتي دوران مهانگائي ۾ 1.35 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، رپورٽ موجب گذريل هفتي 18 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، ڪيلا 22 سيڪڙو، ٽماٽا 22 سيڪڙو ۽ بيضا 7 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگا ٿيا، ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته بصر جو اگهه 6 سيڪڙو وڌيو، جڏهن ته ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت ۽ ڪڪڙ جو گوشت به مهانگو ٿيو، رپورٽ موجب مهانگائي جي سالياني شرح 32.89 سيڪڙو تائين پهچي وئ،.  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال ۾ ٿوم جي قيمت 60 سيڪڙو تائين وڌي، ٽماٽو 185 سيڪڙو، بصر 90 سيڪڙو، ڳڙ 41 سيڪڙو، کنڊ 37 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.

  1. “قرض ڌانڌلي جي جاچ سان مشروط “پي ٽي آءِ جو عالمي ادارن آڏو احتجاج

واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بئنڪ جي آفيسن ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. پي ٽي آءِ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض ڏيڻ تي سخت شرط لاڳو ڪري، قسطن جي جاري ٿيڻ کي چونڊ نتيجن سان ڳنڍي ۽ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي شريڪ چيئرمين جي ويجهي ساٿي شهباز گل کي پارٽي قيادت پاران مظاهري جي انتظام جو ٽاسڪ ڏنو ويو، مظاهري لاءِ مقامي ۽ عالمي اين جي اوز کان مدد ورتي وئي.

  1. پاڪستان بنگلاديش کان به غريب ملڪ قرار

واشنگٽن (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) دنيا جي غريب ترين ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڏکڻ سوڊان پهرين نمبر تي  آهي. آمريڪي مالياتي رسالي فوربس موجب آءِ ايم ايف اها لسٽ ملڪي آبادي جي في ماڻهو جي ڊي پي ۽ ماڻهن جي خريداري جي سگهه جي صلاحيت جي بنياد تي ترتيب ڏني وئي آهي. جي ڊي پي ملڪ جي گڏيل اقتصادي پيداوار جي پئمانو آهي جڏهن ته ماڻهن جي خريداري جي قوت، زندگي جي معيار جو به تعين ڪري ٿي. 2011ع ۾ آزادي ماڻيندڙ ڏکڻ سوڊان دنيا جو نئون ۽ غريب ترين ملڪ آهي جنهن جا سبب سياسي بحران، تڪرار ۽ محدود انفراسٽرڪچر آهن. آءِ ايم ايف دنيا جي غريب ترين ملڪن جي لسٽ ۾ پهرين 10 نمبرن ۾ آفريقي ملڪ شامل آهن، لسٽ ۾ ڏکڻ سوڊان کان پوءِ ٻيو نمبر برونڊي جو آهي جنهن جي في ماڻهو جي ڊي پي 936.42 ڊالرآهي. اهڙيءَ طرح ٽين ۽ چوٿين نمبر تي به آفريقي ملڪ وچ آفريقي جمهوريه ۽ عوامي جمهوريه ڪانگو آهن، موزمبيق جو پنجون نمبر جڏهن ته ان کان پوءِ ترتيبوار ملاوي، نائيجر، چاڊ، لائبيريا ۽ مڊغاسڪر جو نمبر اچي ٿو. غريب ترين ملڪن جي لسٽ ۾ نيپال جو نمبر 40 هون آهي. اهڙيءَ طرح ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان غريب ترين ملڪ نيپال آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان جو نمبر 52 هون آهي جڏهن ته بنگلاديش 62 ۽ ڀارت 63 هين نمبر تي آهن. ان جي ابتڙ دنيا جي امير ترين ملڪن جي اعتبار سان لڪسمبرگ پهرين نمبر تي آهي.

 

 

جنهن جي، جي ڊي پي 145،834 ڊالر في ماڻهو آهي. ان کان پوءِ آئرلينڊ، سنگاپور ۽ قطر آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.