گهوٽڪي (ت ر)گهوٽڪي ۾ گهر ۾ گهڙي جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ 18 ورهين جي نوجوان زاهد حسين پٽ رفيق احمد گڏاڻي کي جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو جوابدار غلام مرتضيٰ ساٿين سان گڏجي اسان جي نوجوان زاهد حسين کي ڪڍي الزام هڻي قتل ڪيو آهي، اسان جي نوجوان کي بيگناهه ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ فرار ٿيل جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.