اڊيالا کان پوءِ اٽڪ، ميانوالي ۽ ڊي جي خان جيلن کي ٿريٽ الرٽ جاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي گهرو کاتي سڪيورٽي ٿريٽس کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي جيلن جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ آءِ جي جيل خانا جات  کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب گهرو کاتي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڊيالا جيل، اٽڪ جيل، ميانوالي جيل ۽ ڊي جي خان جيل کي سڪيورٽي ٿريٽس آهن. پنجاب جي گهرو کاتي موجب مختلف انٽيلي جنس ايجنسين ۽ سڪيورٽي ايجنسين ٿريٽ الرٽس کان آگاهه ڪيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپ ملڪ دشمنن جي مدد سان ٽارگيٽيڊ حملا ڪري سگهن ٿا، حملن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ انارڪي پکيڙڻ آهي، صورتحال جي تقاضا آهي ته بنا دير قدم کنيا وڃن. خط ۾ آءِ جي جيل خانا جات کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان جيلن ۾ سرچ آپريشن ڪيو وڃي، ٻن هفتن لاءِ جيل ۾ ملاقاتون ۽ دورا ملتوي ڪيا وڃن، جيل جي ٻاهرين حدن ۾ ڪنڊيدار تارون لڳايون وڃن. پنجاب جي گهرو کاتي آءِ جي جيل خانا جات کي لکيل خط ۾ اڊيالا جيل سميت ٻين جيلن ۾ سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.