ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر نئين صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي عهدي جو حلف کڻايو، گورنر هائوس ۾ حلف برداري تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ڪابينا ميمبر شرجيل ميمڻ، سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجار موجود هئا، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه سميت ٻيا ڪامورا به شريڪ ٿيا، وڏي وزير جي ترجمان موجب ذوالفقار علي شاهه ذاتي مصروفيتن سبب ڪابينا جي ٻين ميمبرن سان گڏ حلف نه کڻي سگهيو هو، ذوالفقار علي شاهه کي ڪلچر، ٽوئررزم، انيٽي ڪيوٽيز اينڊ آرڪائيو جا قلمدان ڏنا ويا آهن.
-
ايراني تيل اسمگلنگ ۾ ملوث 14 جوابدار گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) جون اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪاروايون جاري آهن. پاڪستان رينجرز سنڌ، پوليس ۽ ڪسٽم انٽيليجنس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي گڏاپ سپر هاءِ وي ڀرسان 3 مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ايراني تيل اسمگلنگ ۾ ملوث 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان 22800 ليٽر ايراني ڊيزل، 6 فلنگ يونٽ، 6 ٽينڪ، 4 لک 98 هزار 350 رپيا روڪ رقم ۽ 17 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا، 5 ٽرڪون ۽ 2 ڪارون پڻ تحويل ۾ ورتيون ويون. پاڪستان رينجرز سنڌ پاران اسمگلنگ جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.گرفتار جوابدارن وٽان ايراني تيل، گاڏيون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو عالمگير خان جي فارم 45 بابت اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار عالمگير خان جي فارم 45 جي فراهمي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت اين اي 236 جو فارم 45 اڃا تائين اپ لوڊ نه ڪرڻ جا سبب طلب ڪري ورتا، عدالت اليڪشن ڪميشن جي ذميوار آفيسر کي به 21 مارچ تي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورن فارمز کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو، ماڻهن حلف کڻي ڇڏيو آهي ۽ اسيمبليون ٺهي ويون آهن، توهان کي ان ئي وقت اچڻو هو، هاڻي فارم اپ لوڊ ٿي رهيا آهن.