پرويز الاهي جي درخواست، جسٽس شهباز رضوي پاران ٻڌڻي کان انڪار

لاهور(م ڊ)لاهور  هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهباز علي رضوي اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پنهنجي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل فراهمي جي درخواست تي ٻڌڻي  ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو، فاضل جج چيو ته زاتي سببن  جي ڪري ٻڌڻي نٿو ڪري سگهان، هن فائل چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏيو، ياد رهي ته گذريل  مهيني پرويز الاهي پنهنجي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل وٺڻ  لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ موقف ڏنو ويو هو ته منهنجي خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل  ڪيا پيا وڃن، ان ۾ اپيل ڪئي  ويئ ته عدالت داخل ڪيل  ڪيسن جو تفصيل  فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

  1. ايمرجنسي طور ڪراچي لاٿل پي آءِ اي جهاز ۾ وڏي فني خرابي جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) پشاور کان ابوظهبي ويندي ڪراچي لاٿل پي آءِ اي جي جهاز ۾ وڏي فني خراب جو انڪشاف ٿيو آهي، پشاور کان ابوظهبي جي اڏام 11 مارچ  جي رات تي ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪيل لينڊنگ ڪئي هئي، ذريعن مطابق اڏام پي ڪي 217 جا ٽئي نيوي گيشن سسٽم هڪ ئي وقت فيل ٿي ويا هئا، خرابي سبب آٽوپائليٽ سميت ٻيا لاڳاپيل سسٽم به بند ٿي ويا هئا، جهاز  جي ٽنهي آءِ اين ايس سسٽم جي خرابي تي اڏام پي ڪي 217 کي ڪراچي لاٿو ويو، ڪپتان مهارت سان جهاز کي ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو، ذريعن مطابق اي پي بي ايم هڪ ايڪس جي جهاز جي فني خرابي 4 ڪلاڪن کان پوءِ ٺيڪ ڪئي وئي، ٽيڪنيڪي جاچ پڙتال  دوران مسافر جهاز ۾ موجود رهيا، اڏام رات سوا 1 بجي ڪراچي کان ابوظهبي لاءِ رواني ٿي، پي آءِ اي جي ترجمان مطابق هڪ اوزار جي خرابي تي اڏام کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جنهن کي چند ڪلاڪن ۾  بحال ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.