ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي زمينن جي نيلامي، ڌارين آبادڪاري، صحت ۽ تعيلم جون سھولتون نه ھجڻ توڙي لاڙ پٽي ۾ منشيات جي آزار خلاف جئي سنڌ قومي محاذ پاران 25 فيبروري تي ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پريس ڪلب ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ملڪ ھن وقت سياسي توڙي معاشي بحران جو شڪار آھي عوام جو جئيڻ مشڪل بڻجي ويو، ڌرتي تي ڌاريا قابض پيا ٿين ان لاءِ سڀني کي عملي جھدوجھد ڪرڻي پوندي، سياسي ڪارڪنن جا لاش ڏيڻ سان نفرت جنم وٺندي، ھدايت لوھار جو قتل افسوسناڪ عمل آھي، ان جي جاچ ڪئي وڃي، لاڙ پٽي ۾ منشيات جي وڌندڙ آزار سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي، اسپتالن ۾ سھولتون فراھم ڪرڻ بجاءِ اسپتالن جي بجيٽ ھڙپ ڪري دوائون اسٽورن تي وِڪرو ڪيون پيون وڃن، خوبصورت شھرن کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، اچو ته ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ڪنھن سگھاري جھدوجھد شروع ڪريون، سنڌ ۽ امن سان پيار ڪندڙ ماڻھو سڀاڻي ٺٽي ۾ گڏ ٿي قبضن ۽ سماجي براين خلاف اسان جو ساٿ ڏين.