مقصودو رند ڀرسان زرداري ۽ ٽالپر تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

مقصودو رند (رپورٽ: فيض محمد سومرو )مقصودو رند ڀرسان لنڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مھر علي ٽالپر ۾ زرداري ۽ ٽالپر برادري وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، ڳوٺ مهر علي ٽالپر ۾ زرداري ۽ ٽالپر برداري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، مقتولن ۾ غلام شبير زرداري ۽ مراد علي زرداري شامل آهن، اطلاع تي لنڊو پوليس لاشن کي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته ٻه ڄڻا قتل ٿيا آهن ٻنھي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي ۽ زرداري برداري ٽالپر ڌر جي ذوالفقار ٽالپر کي گوليون هڻي ڪيو هو ھوڏانھن مقتول ڳوٺ ولي داد حاجاڻو جا رهواسي آهن جيڪي شھدادپور کان ڳوٺ ذوالفقار زرداري وڃي رهيا هئا جڏھن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.