سنڌ اسيمبلي آڏو اڄ احتجاج جو اعلان، رنڊڪون وجهندڙ حالتن جا ذميوار هوندا: جي ڊي اي

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس اڄ سنڌ اسيملبي آڏو احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سندن ميمبر حلف نه کڻندا ۽ هو پر امن احتجاج ڪندا، رنڊڪون وجهندڙ حالتن جا ذميوار  پاڻ هوندا، اهڙو اظهار ڪالهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اجلاس کانپوءِ جي ڊي اي اڳواڻ صفدر سرڪي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنسن ڪندي ڪيو، صفدر عباسي چيو ته جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي سان مشاورت ٿي آھي جي ڊي اي 12 فيبروري  تي اعلان ڪيا ھئا، مختلف ھنڌن تي جي ڊي اي سميت ٻيون پارٽيون احتجاج ڪن پيون، پوري ملڪ ۾ چونڊ ڌانڌلين خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي، جيڪو چونڊ نتيجن جي رد ٿيڻ ۽ نئين چونڊن جي اعلان تائين جاري رهندو، اسان جو گڏجڻ جو مقصد پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڌانڌلي واري 2024 واري اليڪشن آھي،  جنهن ۾ سڀني جو خيال آھي ته گڏجي احتجاج کي منظم انداز سان وڌايون، هن چيو ته گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اڄ سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪيو ويندو ۽ اتحاد ۾ شامل پارٽين جا چونڊيل ميمبر حلف نه کڻندا، احتجاج ۾ جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم حقيقي، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي ڪارڪن شامل ٿيندا، هن چيو ته جدوجهد کي جاري رکڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ايندڙ حڪمت عملي به طئه ڪندي، احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي ۽ ان کان ڪير روڪي نه ٿو سگهي، اسان پر امن احتجاج جو مثال قائم ڪيو آهي. صفدر عباسي چيو ته نگران حڪومت مايوس ڪيو، عوام جي نفرت کي ڪيترو روڪيو ويندو، جيڪڏهن احتجاج ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته پوءِ ان وقت ڏسنداسين، جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جي ڊي اي جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين ۽ انهن جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ ڪري اسان پهرين ڏينهن حلف به نه کڻنداسين، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم کي جعلي مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، اسان جي مينڊيٽ تي ٿيل قبضو قبول نه آهي. صدرالدين شاهه راشدي چيو ته هر احتجاج ۾ پير پاڳاري جو شرڪت ڪرڻ ممڪن نه آهي، سندس نمائندگي ڪيان پيو، پير پاڳارو فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊِي اي جو سربراهه آهي، پير پاڳاري جي جڏهن به ضرورت پوندي هو اسان جي اڳواڻي ڪندو، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته جي يو آءِ پنهنجو سمورو رٿيل احتجاج جو پروگرام ملتوي ڪندي جي ڊي اي جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندي، ڪارڪنن کي اپيل ڪيان ٿو ته هو جتي به آهن رات پيٽ ۾ ڪراچي پهچي صبح جو احتجاج ۾ شريڪ ٿين، هن چيو ته هاڻي پارٽيون ڌار ڌار بدران جي ڊي اي جي پليٽ فارم تي گڏيل احتجاج ڪنديون، ان لاءِ ڪميٽي فيصلا ڪندي. راشد محمود سومرو چيو ته سپريم ڪورٽ جي آڏو احتجاج ٿي سگھي ٿو ته سنڌ اسمبلي ايڏي ڪا مقدس آھي ڇا جو احتجاج نٿو ٿي سگھي؟ اسين پرامن احتجاج ڪنداسين ڪير روڪيندو ته اھو ذميوار رھندو، سپريم ڪورٽ آڏو احتجاج ۾ پ پ ۽ نواز ليگ قيادت به گڏ هئي ،پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ جي ووٽ تي ڪراچي سميت پوي سنڌ ۾ ڌاڙو لڳو، ڪراچي ۾ حافظ نعيم ظرف جو مظاھرو ڪيو ته چيو ته ھي پي ٽي آءِ جي سيٽ آھي، سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽  پ پ جي نورا ڪشتي ھلي پئي، احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالتن ۾ به وينداسين، سنڌ کي ڪنهن جي رياست بنائڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.