ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو، جي ڊي اي سميت چونڊ هارائيندڙ پارٽين اسيمبلي ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ صبح جو 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو ويندو، اجلاس ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميمبر حلف کڻندا. جي ڊي اي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ جا آزاد توڙي سني اتحاد جا ميمبر حلف نه کڻندا، انهن پارٽين جي قيادت ميمبرن جي حلف نه کڻڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي آڏو سيڪيورٽي جو فول پروف بندوبست ڪيو ويو آهي، پوليس سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندي، جڏهن ته رينجرز به مدد لاءِ موجود هوندي، اسيمبلي طرف ايندڙ ويندڙ روڊن لاءِ ٽريفڪ پلان جو اعلان ڪندي پوليس شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته سنڀالي بنا ڪنهن ضروري ڪم کانسواءِ سفر کان پاسو ڪن. ذريعن موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ آچر ڏينهن ٿيندي. اسپيڪر ۽ڊپٽي توڙي وڏي وزير جي چونڊ ڇنڇر تي نه ٿيندي، شيڊول ڇنڇر اڄ جاري ڪنداسين : سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق