غوثپور ۾ دڪاندارن کان لکين رپين جي ڦر ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

غوثپور (عوامي آواز نيوز) غوثپور ۾ ٽن دوڪاندارن کان لکين روپين جي ڦر ۽ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيوويو، ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن پاران ٽن دوڪانن تان ڦر جي  واقعن خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي شهر ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو، جي يو آءِ ڪارڪنن ۽ واپارين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو پڻ هنيو، ڦريل پئسا واپس ڪرائڻ ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ سبب ڏوهن جي ڌم متل آهي، ڦرلٽ ۽ بدامني ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.