ڏيڍ ڪروڙ جا اجرڪ خريد ڪرڻ جي سمري کان پري رهياسين: عمر سومرو

ڪراچي(رپورٽر) نگران قانون ۽ انساني حقن واري وزير محمد عمر سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ وسيلن جي ڪا به کوٽ ناهي. سٺا آفيسر به آهن،  جيڪڏهن سياستدانن جي نيت هجي ته صوبي ۽ عوام جي وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي. قانون واري وزير پنهنجي وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي 6 مهينن دوران وڏي وزير جي حمايت حاصل هئي. ڪيترن ئي هنڌن تي ڏکي صورتحال پيدا ٿي، محسوس ٿيو ته فنڊن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، ان ڪري وڏي وزير حمايت ڪئي، ڇهن مهينن ۾ مون اهو سمجهيو آهي ته جيڪڏهن ڪپتان بهتر آهي ته ڪم به بهتر ٿي سگهي ٿو. عمر سومرو چيو ته اهڙيون سمريون به آيون آهن ته کين ڏيڍ ڪروڙ جا اجرڪ ۽ هڪ ڪروڙ جي هينڊ بيگز خريد ڪرڻا آهن. اسان اهڙن سمرين کان پري رهياسين ۽ ان رقم کي صوبي جي ترقي تي خرچ ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. عمر سومرو چيو ته وزير جو ڪم آهي پاليسي ٺاهڻ ۽ پنهنجي سيڪريٽرين سان گڏجي ان تي عمل ڪرڻ آهي. هڪ وزير ڇهن مهينن ۾ سئو ارب رپين جي چوري کي روڪي سگهي ٿو ته پنجن سالن ۾ تمام گهڻو پئسو بچائي سگهجي ٿو. مان هڪ پروفيشنل وڪيل آهيان ۽ ڪجهه وقت آرام ڪري پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.