تربت (م ڊ ) نيشنل پارٽي جي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته قومپرستن کي پارليامينٽ کان ٻاهر رکي وفاق جون پاڙون ڪمزور ڪيون پيون وڃن. تربت ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن جعلي ووٽ ڪڍي نيشنل پارٽي جي کٽيل سيٽون واپس ڪرائي. هن چيو ته قومپرستن کي پارليامينٽ مان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙيون چونڊون ڪرائي وفاق جون پاڙون کوکليون ڪيون پيون وڃن، چونڊون آمدني جو ذريعو بڻجڻ سان جمهوريت ۽ وفاق مضبوط نه ٿيندو.