ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چونڊ نتيجن خلاف اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جي ڊي اي جي چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ۾ به ڀرپور شرڪت ڪنداسين، نورالحق اداري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته هن چيو ته طاقت جي زور تي چونڊ نتيجا ڏنا ويا، عوامي مينڊيٽ ڇڏي مرضي جا نتيجا آر اوز کي هٿ ۾ ڏنا ويا، جماعت اسلامي جا ڪراچي ۾ 8 لک ووٽ آهن، ڌانڌلي باوجود هڪ لک 62 هزار ووٽ کنيا، هن چيو ته سمورا نتيجا رد ڪري فرانزڪ ڪرائي وڃي، حڪمران هوش کان ڪم وٺي پوري ملڪ ۾ عوام جي ڏنل فيصلي کي مڃين، هن چيو ته نگران حڪومت گئس جي قيمت ۾ 60 سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي ته بجلي جي بلن ۾ به اضافن جا ڌماڪا ٿيندا، صورتحال عوام جي وس کان ٻاهر ٿي رهي آهي.