جماعت اسلامي مظلوم عوام کي مافيا واري نظام جي مقابلي ۾ بيهاريندي

 اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي معاهدي جي اولين ترجيح مسجد اقصيٰ جي آزادي هئڻ گهرجي. اسلام آباد کي فلسطين جي معاملي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس گهرائي اسرائيل کي اهلِ غزا خلاف بربريت ختم ڪرڻ جو واضح پيغام ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪمرانن ڪشمير بابت ٽرمپ جي ثالثي جو ڍونگ رچايو، اها ثالثي ڪٿي وئي؟ اسان کي خبر آهي ته والاريل ڪشمير ڪنهن جي ثالثي سان نه، پر پنهنجي زورِ بازو سان آزاد ٿيندو.انهن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ غزا يڪجهتي مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. مارچ کي نائب امير ميان محمد اسلم، امير اسلام آباد نصرالله رندهاوا، سيڪريٽري جنرل اسلام آباد زبير صفدر، فرينڊز آف فلسطين جي اڳواڻ ڊاڪٽر بلال ۽ ناظم صوبه اسلامي جمعيت طلبه احمد عبدالله پڻ خطاب ڪيو.جماعت اسلامي جي اپيل تي 7 آڪٽوبر، طوفان الاقصيٰ جي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ هزارين ماڻهن فلسطيني جهنڊا کڻي شرڪت ڪئي ۽ اهلِ غزه جي حق ۾ نعرا هنيا.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان جي مسئلن ۽ ٻين جاري سرگرمين باوجود اهلِ غزا کي ياد رکڻ تي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ساراهه جا مستحق آهن.هن حڪمرانن کي واضح ڪيو ته جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي ۽ عوام جي حقن بابت جاري جدوجهد ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندي. جمعي تي چارسده ۾ جلسو عام ٿيندو.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملاقات لاءِ شيڊول تيار ڪرڻ جو پيغام موڪليو آهي، ساڻس ملاقات به ڪنداسين، پر وزيراعظم پنهنجي واعدي تي عمل ڪندي پيٽروليم ليوي جي معاملي ۾ عوام کي رليف ڏئي. ٻي صورت ۾ ملتان کان اسلام آباد مارچ شروع ڪيو ويندو ۽ سڄي ملڪ مان قافلا وفاقي گادي واري هنڌ پهچي ڌرڻو ڏيندا. اسلام آباد جا ماڻهو مهمان نوازي جي تياري ڪن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ تي فارم 47 ذريعي آيل ماڻهو مڙهيل آهن ۽ هتي هائبرڊ نظام قائم آهي. آزاد ڪشمير جون حالتون درست ناهن، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جاري آهي. حڪومت اهڙين حالتن ۾ عوام کي وڌيڪ ورهائڻ کان پاسو ڪري ۽ ماڻهن کان سندن جمهوري حق نه کسي.هن چيو ته حڪمران پنهنجون عياشيون ختم ڪن. پنجاب جي وڏي وزير 11 ارب رپين جي جهاز ۾ سفر ڪري ٿي. هي مافيا وارو نظام آهي. مڙهيل اشرافيه کي قوم کي ان جا حق ڏيڻا پوندا. جماعت اسلامي مظلوم عوام کي هن مافيا واري نظام جي مقابلي ۾ بيهاريندي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته فلسطين جي حوالي سان جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته اهلِ غزه سڄي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. اهي قرآن جي تلاوت ڪن ٿا، جذبي سان ڀرپور آهن، ميدانِ عمل ۾ موجود آهن، علم ۽ اخلاق سان مالامال آهن ۽ سفارتڪاري ۾ پڻ اڳڀرا آهن.

You might also like