غزا(عوامي آواز نيوز) غزا جي سرڪاري ميڊيا آفيس 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزا ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جاني ۽ مالي نقصان بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب غزا جي پٽي ۾ 24 لک کان وڌيڪ شهري گذريل ٽن سالن کان سخت جنگ، بک ۽ جبري بي دخلي جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ غزه جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو تباهه ٿي چڪو آهي، جڏهن ته زميني دراندازي، بمباري ۽ شهرين جي جبري بي دخلي ذريعي اسرائيل غزا جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن سالن دوران غزا تي 2 لک 30 هزار ٽن کان وڌيڪ بارود ڪيرايو ويو، جڏهن ته نام نهاد محفوظ انساني علائقي المواصي تي پڻ 287 ڀيرا بمباري ڪئي وئي.غزا ميڊيا آفيس موجب جنگ شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين اسپتالن ۾ آندل شهيدن جو انگ 74 هزار 250 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 9 هزار 500 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن، جن ۾ ملبي هيٺ دٻيل ۽ نامعلوم انجام وارا ماڻهو شامل آهن.رپورٽ موجب شهيدن مان 55 سيڪڙو ٻار، عورتون ۽ بزرگ آهن. هن وقت تائين 21 هزار 976 ٻار مارجي چڪا آهن، جن ۾ هڪ سال کان گهٽ عمر جا 1125 معصوم ٻار پڻ شامل آهن.ان کان علاوه 12 هزار 500 عورتون پڻ مارجي ويون، جن ۾ 9 هزار مائرون شامل آهن.اسرائيلي حملن ۾ 1723 طبي اهلڪار، سول ڊفينس جا 149 اهلڪار، 262 صحافي ۽ 4 ميئرن سميت 194 بلدياتي اهلڪار پڻ مارجي ويا. امدادي سامان جي حفاظت تي مقرر 2800 پوليس اهلڪار ۽ راندين سان لاڳاپيل 928 ماڻهو پڻ مارجي ويا.غزه ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي حملن سان 39 هزار 22 خاندان متاثر ٿيا، جن مان 2700 خاندانن جا سمورا فرد مارجي ويا، جڏهن ته 6020 خاندانن ۾ صرف هڪ فرد زنده بچيو.رپورٽ موجب غزه ۾ بمباري کان علاوه بک ۽ غذائي کوٽ سبب 460 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 164 ٻار شامل آهن.ڪيمپن ۾ سخت سردي سبب 28 ماڻهو، جن ۾ 25 ٻار شامل آهن، فوت ٿيا. طبي سهولتن جي کوٽ سبب گردن جي مرض ۾ مبتلا ڪيترائي مريض به فوت ٿيا، جڏهن ته 676 مريض محدود ڊائلاسز مشينن تي علاج جا منتظر آهن.غذائي کوٽ سبب حامله عورتن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ حمل ضايع ٿيڻ جا ڪيس رپورٽ ٿيا. بند سرحدي رستن سبب علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جا منتظر 2027 مريض فوت ٿي چڪا آهن.غزه ميڊيا آفيس موجب اسپتالن ۾ آندل زخمين جو مجموعي انگ 1 لک 75 هزار 278 آهي، جن مان 19 هزار کان وڌيڪ زخمين کي ڊگهي مدي واري بحالي جي ضرورت آهي.رپورٽ موجب جسم جا عضوا وڃائڻ جا 5400 ڪيس سامهون آيا، جن مان 18 سيڪڙو ٻار آهن. ان کان علاوه 1500 ماڻهو فالج جو شڪار ۽ 1200 ماڻهو نظر کان محروم ٿيا.جنگ دوران 28 هزار 560 عورتون بيواهه ۽ 62 هزار 247 ٻار يتيم ٿيا.غزه جي ڪل 38 اسپتالن مان هن وقت صرف 19 اسپتال انتهائي محدود صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اتر غزه ۽ رفح ۾ طبي سهولتون تقريباً ختم ٿي چڪيون آهن.اسپتالن ۾ بسترن جي گنجائش 3412 مان گهٽجي 2623 رهجي وئي آهي، جڏهن ته 96 صحت مرڪز تباهه يا غير فعال ٿي چڪا آهن.رپورٽ موجب 80 سيڪڙو ٽرانسپورٽ گاڏيون غير فعال ٿي چڪيون آهن ۽ 70 سيڪڙو جنريٽر به ناڪاره ٿي ويا آهن. سول ڊفينس جا 18 مرڪز مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن.غزه ۾ بمباري سبب 97 سيڪڙو اسڪول متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 87 سيڪڙو اسڪولن جي عمارتن کي وڏي بحالي جي ضرورت آهي. 80 سيڪڙو اسڪولن کي سڌو سنئون بمباري جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اعليٰ تعليم جا 17 ادارا مڪمل يا جزوي طور تباهه ڪيا ويا.رپورٽ موجب 22 هزار کان وڌيڪ شاگرد، 1100 کان وڌيڪ استاد ۽ 194 کان وڌيڪ تعليمي ۽ سائنسي ماهر مارجي چڪا آهن.صورتحال سبب غزه ۾ اسڪول ويندڙ 6 لک 50 هزار ٻار ۽ 90 هزار کان وڌيڪ يونيورسٽي شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آهن.مسجدن ۽ عبادتگاهن جي تباهيرپورٽ موجب اسرائيلي حملن ۾ غزه جي 1275 مسجدن مان 1076 مسجدون مڪمل طور شهيد ڪيون ويون، جڏهن ته 166 مسجدن کي جزوي نقصان پهتو.ان کان علاوه غزه جي 3 گرجا گهرن کي پڻ ڪيترائي ڀيرا نشانو بڻايو ويو.7آڪٽوبر حملن جي ٽئين ورسي، اسرائيلي حملن ۾ غزه ۾ 74 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي وياحماس پاران 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل تي ڪيل حملن جي ٽئين ورسي جي موقعي تي سڄي اسرائيل ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ يادگار تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون.7آڪٽوبر جي حملن کانپوءِ شروع ٿيندڙ اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ غزه ۾ 74 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. ان دوران علائقي جو وڏو حصو شديد تباهي جو شڪار ٿيو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا.اسرائيل خلاف مغربي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاج پڻ ڪيا ويا، جن ۾ غزه تي اسرائيلي بمباري ۽ فوجي ڪاررواين جي مذمت ڪئي وئي.ٽن سالن کان اڳ ساڳئي ڏينهن حماس جي ويڙهاڪن اسرائيل تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ 1100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته 251 ماڻهن کي يرغمال بڻائي غزه منتقل ڪيو ويو هو.ان موقعي تي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جي ياد ۾ دنيا جي مختلف شهرن ۾ پڻ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ فجر جي وقت سوين ماڻهن يادگار اجتماع ۾ شرڪت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.