پ پ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ بلوچ قوم پرستن کي شامل ڪندي: ذريعا

ڪوئيٽا (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پارٽي صوبي ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ چاهي  ٿي. تفصيل موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳيان اچي وئي آهي. پ پ بلوچستان ۾ مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي. پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ جي حمايت طلب ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي مشاورت لاءِ مهلت گهري ورتي آهي. پ پ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جي يو آءِ سان جلد رابطو ڪندي، امڪان آهي ته پ پ بلوچستان صوبي جي حڪومت تي جي يو آءِ ۽ ن ليگ سان معاملا طئي ڪندي. ٻنهي پارٽين جي شموليت سان بلوچستان ۾ مستحڪم حڪومت قائم ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جا اڪثر نوان چونڊيل آزاد ميمبر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. بلوچ قوم پرست پارٽين کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي. بلوچستان جي وڏي وزير ۾ پ پ ۽ ڪابينا ۾ اتحادي پارٽين جا وزير شامل هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.