عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق، سلمان اڪرم راجا طرفان عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سلمان اڪرم  راجا طرفان عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي عون چوڌري جي ڪاميابي جي نوٽيفڪيشن جي واپسي بابت آگاهه ڪيو. ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن ڪميشن عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي رهي آهي، اڳ ۾ سلمان اڪرم راجا جي درخواست تي فيصلو ٿيندو. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق، سلمان اڪرم راجا جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته توهان جي درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اتي وڃو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.