گهوٽڪي (ڊ ر ) گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي رهيل ٻن پولنگ اسٽيشنز تي ٿيل ووٽنگ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. علي مراد ڪلهوڙو ۽ چاڪر خان ڪولاچي پولنگ اسٽيشنز تي آزاد اُميدوار ڄام مهتاب ڏهر 11 سئو 47 ووٽ کنيا آهن. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اُميدوار شهريار شر 805 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. پي ايس 18 تي ڄام مهتاب ڏهر مجموعي طور 24 هزار 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهريار شر 55 هزار 510 ووٽ کڻي سگهيو.