منهنجي ووٽ تي ڌاڙو لڳو ته اهڙو پويان پوندس جو عمران خان وسري ويندو: بلاول

لاڙڪاڻو(رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول چيو آهي ته  سندس ووٽ تي ڌاڙو لڳو ته اهڙو پويان پوندس جو عمران خان کي  وساري ڇڏيندئو . عام چونڊن جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران عوامي پاور شو جو آخري جلسو ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ھزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارن جلسي کي رت گرمائيندڙ خطاب ڪيو ويو.  لاڙڪاڻو ميونسپل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو عام چونڊن لاء آخري جلسو ڪيو ويو. جلسي ۾ پ.پ.پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر, پ.پ.پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو, سردار سھيل انور سيال, سردار عادل الطاف حسين انڙ, نذير احمد ٻگھيو,سردار نادر مسگي, سردار خان چانڊيو, شھريار مھر, اعجاز جکراڻي, غوث بخش مھر, آغا سراج دراني,ذوالفقار ڪماريو, صفدر مٺاڻي, جميل احمد سومرو, رميش لال,شھريار شر, اسلم ابڙو, ندا کھڙو سميت پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي بلاو ڀٽو زرداري چيو تہ مان پختونخوا جون واديون لتاڙي, پنجاب, بلوچستان مان ٿيندو اچي پنھنجي گھر لاڙڪاڻي پھتو آھيان. توھان لاڙڪاڻي وارن جي ڀٽو خاندان سان وفاداري ڪئي آھي دنيا ۾ توھان تاريخ رقم ڪئي آھي. جڏھن لاڙڪاڻو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ ملڪ کي ايٽم بم ڏيندو آھي, جڏھن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ٿيندي آھي, جڏھن لاڙڪاڻو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ اشرافيا جي نہ غريب عوام جي نمائندگي ٿيندي آھي,.جڏھن لاڙڪاڻو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ ھن ملڪ جي سفيد پوش کي ترقي ملندي آھي. جڏھن لاڙڪاڻو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ بنا ڪنھن فرق جي ڪم ٿيندو آھي. ھي جيڪي ٻيون جماعتون اليڪشن وڙھي ٿيون اھي پنھنجي آخري اننگ کيڏي رھيون آھن. توھان کي معلوم آھي تہ جيڪو لاڙڪاڻي مان وزيراعظم چونڊجي ايندو آھي اھو نفرت ۽ تقسيم جي سياست ناھي ڪندو. ھي جيڪي ٻيا آھن اھي نفرت, تقسيم ۽ لسانيت جي سياست ڪندڙ آھن. انھن سياست کي گار بڻائي ڇڏيو آھي. اسان جي معيشت کي انھن جي انا وڏو نقصان پھچايو آھي. انھن کي عوام جي تڪليف جي خبر ناھي. انھن پنھنجو منشور عوام کي ٻڌايو ئي ناھي نہ ئي انھن ڪا مھم ھلائي آھي. پاڪستان جو عوام باشعور آھي انھن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. جيڪڏھن ھي ھارائيندا تہ ھي ڌرڻا ھڻندا اسان انھن جي فلم ڏٺي آھي. ٽيون ڀيرو ان کي آر او مسلط ڪيو, نقصان پاڪستان جي عوام جو ٿيو ھاڻي ھي چوٿون دفعو وزيراعظم ٿيڻ چاھي ٿو ۽ جيڪڏھن ھي چوٿو ڀيرو وزيراعظم ٿيو تہ 6 مھينن کان پوءِ چوندو "مجھے کیوں نکالا” ۔ سبسڊي جي نالي تي اشرافيا کي ھڪ ھزار پنج سئو ارب روپيا خرچ ٿيندا آھن جيڪي انھن کان اسان ڦري غريب عواتي خرچ ڪنداسين. توھان کي اليڪشن واري ڏينھن تي اوور ڪانفيڊينس ناھي ٿيڻو.  تخت لاھور ۾ لاھورين جون ڄنگھون ڏڪي رھيون آھن. اٺ فيبروري تي تير کي ووٽ ڏئي پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرايو. لاڙڪاڻي مان وزيراعظم چونڊيو توھان کي ڏھ نقطن تي پنھنجو جيڪو منشور ٺاھيو آھي اھو فائدو ڏيندم. ميان صاحب جي حالت ڏاڍي خراب آهي، هو پنهنجي سيٽ به وڃائي رهيو آهي، هو ڪجهه سيٽون کٽيندو پر سندس ڪلين سوئيپ پروگرام ڪامياب نه ٿيندو، هن ملتان جهڙي شهر ۾ هڪ به جلسو نه ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پراڻا سياستدان اڄ تائين سياست ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته اسان اها فلم ٽي ڀيرا ڏسي چڪا آهيون، هاڻ اهو شخص چوٿون ڀيرو پاڻ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو شخص تاثر ڏئي رهيو آهي ته هاڻ کي وزيراعظم بڻجي ويو آهي، اهو شينهن عوام جو رت چوسيندو آهي، پ پ اميرن جي ترقي نه عوام جي ترقي جي ڳالهه ڪندي آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون ته کٽيون يا هارايون پر ملڪ ۾ سياسي استحڪام، معاشي ترقي ۽ ملڪ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر مان اڄ اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان ته جيڪڏهن منهنجو ووٽ خيانت ڪئي آهي يا ڪنهن سان زيادتي ڪئي ته ان کي اهڙيءَ طرح ڇڪيندس ته هو عمران خان کي وساري ڇڏيندا، مون خان صاحب کي چيو ته هو سليڪٽ ٿيل آهي ۽ سندس حڪومت 3 سال به نه هلي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.