اسلام آباد هاءِ ڪورٽ/عورتن جي ڪوٽا
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي عورتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا نه ملڻ خلاف درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيسجاري ڪري ڇڏيا.عورت فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نعيم احمد مرزا سياسي پارٽين پاران قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن لاءِ عورتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا نه ملڻ خلاف وڪيل فضل الله فاروق ذريعي درخواست داخل ڪئي. قومي اسيمبلي جي 266 سيٽن تي صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ (ن) عورتن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي، جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي عورتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا جو قانوني شرط پورو نه ڪيو، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل، تحريڪ لبيڪ پاڪستان نه ڪئي. عورتن کي 5 سيڪڙو ڪوٽا ڏيو.