اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته ڪنهن به هنڌ موبائيل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو ڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي، پر امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ڪنهن ضلعي يا صوبي کان درخواست آئي ته ان تي عمل ڪيو ويندو. انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران گهرو وزير گوهر اعجاز چيو ته چونڊون ڪرائڻ تي امن هوندو ۽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن، 8 فيبروري تي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ووٽ ڪاسٽ ڪندا، سڀ ڪجهه ٽريڪ تي آهي. هن چيو ته هو نٿا چاهين ته سنڌ ۾ قانون هٿ ۾ کنيو وڃي، سنڌ ۾ اليڪشن وڙهندڙ پارٽيون سالن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿيون، اهو سڀني لاءِ پيغام آهي ته سنڌ ۾ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس بيٺل آهن. هن چيو ته باجوڙ واقعي جي جاچ ڪئي ويندي. 44 هزار پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن، باقي 20985 پولنگ اسٽيشن حساس آهن ۽ 16766 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.