ڪراچي يونيورسٽي ۾مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪندڙ 2 شاگردن جون داخلائون رد

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪندڙ ٻن شاگردن جون داخلائون رد ڪري کين  15 ڏينهن لاءِ بي دخل ڪندي  جواب پڻ  طلب ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميا تعصب ۽ نقصانڪار سرگرمين ۾ ملوث ڄاڻائي ٻن شاگردن جون داخلائون رد ڪري ڇڏيون  آهن. يونيورسٽي انتظاميا شاگرد عامر صوبدار تنيو ۽ شاهد حسين شر جي داخلا رد ڪري 15 ڏينهن لاءِکين  بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن واڌو فيس خلاف ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ يونيورسٽي ٻاهران 4 ڏينهن بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي هئي. سنڌ سجاڳ فورم جي اڳواڻ سارنگ جويو جو چوڻ هو ته شاگردن جي بيدخلي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي داخلا بحال ڪئي وڃي نه ته احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.