مانجهند ۾ ٻن واپارين ڀائرن کان ڦرلٽ خلاف شٽربند هڙتال، ڌرڻو

مانجهند/ سن (رپورٽ: بابو عمراڻي/ ساگر سولنگي) مانجهند جي ڀائرن کي انصاف نه مليو، پوليس خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڌرڻو، مانجهند شهر مان 11 ڏينهن اڳ ٻن واپاري ڀائرن غلام عباس ۽  سجاد لاکي کان هٿيابند 15 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، ڪيس غلام عباس لاکي جي فرياد تي مانجهند ٿاڻي تي داخل ٿيڻ  باوجود به پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي، مانجهند پوليس متاثر ڀائرن کي رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي  پر ڦر جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان قانوني قدم نه کنيا، پوليس جي روايتي سستي ۽ مانجهند ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن عام شهرين  مانجهند ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي وئي  جيڪا مانجهند شهر جي مختلف روڊن رستن کان گشت ڪندي شهر جي مک چوڪ تي پهتي جتي اڳواڻن ڌرڻو هنيو، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ گوتم چنا، گلزار ملاح، ايس يو پي اڳواڻ بابل لطيف کوسو، الطاف ميمڻ، محمد يوسف عمراڻي، جسقم اڳواڻ اڪرم کوسو ، هيومن رائيٽس اڳواڻ ڪامريڊ حسن برهماڻي، جاويد خاصخيلي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، متاثر ڀائرن غلام عباس لاکي ۽ سجاد لاکي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون هٿن تي پنهنجي ڪاروبار ڪيو آهي، اسان جي ڪل ملڪيت رقم هئي جيڪا ڦورو ڦر ڪري ويا جنهن جي ڪري اسان جو وار وار قرض ۾ ٻڏي ويو آهي ۽ اسان سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، پوليس دلاسا ڏئي رهي آهي، ڦريل پئسا واپس ڪرايا وڃن، اڳواڻن جو چوڻ هو ته مانجهند شهر امن وارو شهر سڏيون ويندو آهي ان شهر ۾  پوليس جي نااهلي سبب ننڊيون وڏيون چوريون روز جو معمول بڻيل آهن جنهن جي ڪري اسان رهواسي تمام گهڻا پريشان آهيون، واپارين کان ڦريل پئسا واپس ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ وري ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.