ڪراچي (م ڊ ) جڳ مشهور ڳائڻي راحت فتح علي خان چيو آهي ته مان پنهنجي غلطي تي خدا ۽ عوام کان معافي گهران ٿو. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ راحت فتح علي خان چيو ته مون کي ڪنهن ٻئي انسان سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي ها. راحت فتح علي خان وڌيڪ چيو ته مان قوالي فن سان وابسته پنهنجي گهروارن کان به معافي گهران ٿو، منهنجي اهڙي رويي سان ڏکايل سمورن واستيدارن کان معافي گهران ٿو. هن چيو ته اهڙي غلطي ٻيهر نه ٿيندي، اها وڊيو به 9 مهينا پراڻي آهي.
-
سهارن پور ڪو آپريٽو سوسائٽي ڪيس، ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ملير ڪينٽ ڀرسان سهارن پور ڪو آپريٽو سوسائٽي جو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل آصف ابڙو چيو ته قبضا مافيا ۽ پاڻ مرادو قابض سيڪريٽري مظهر گيلاني الاٽيز جا پلاٽ وڪرو ڪيا آهن، ٻن سالن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي قانون تي عمل ڪرائيو وڃي، سوسائٽي جو نقشو بگاڙي اصل مالڪن جاگهر ڊاهيا پيا وڃن، درخواستگذارن پلاٽن الاٽيز چيو ته روينيو کاتي پاران کاتن ۾ هيرا ڦيري ڪري اصل مالڪن جي پلاٽن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، عدالت درخواستگذارن جو موقف ٻڌڻ بعد ڌرين کي 19 فبيروري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
-
آزاد اميدوار جو لاڏاڻو، پي ڪي 91 ڪوهاٽ تي چونڊ ملتوي
ڪوهاٽ (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي صوبائي تڪ پي ڪي 91 ڪوهاٽ ۾ آزاد اميدوار عصمت الله خٽڪ جي لاڏاڻي سبب 8 جنوري تي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي، صوبائي تڪ پي ڪي 91 جو اميدوار 30 جنوري تي فوت ٿيو هو. پي ڪي 91 جي رٽرننگ آفيسر عرفان الله ان حوالي سان پبلڪ نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ آزاد اميدوار ريحان زيب جي قتل کانپوءِ اين اي 8 ۽ پي ڪي 22 تي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.
-
پوليس کي نثار پنهور ۽ سندس پٽ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نثار پنهور ۽ ان جي پٽ محسن پنهور جي بازيابي بابت درخواست تي ايس ايڇ او سچل کي ڪيس داخلڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي، ايس ايڇ او سچل عدالت ۾ پيش ٿيو، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏيندي ٻڌايو ته اسان کي پوليس اسٽيشن سڏايو ويو ۽ 2 ڪلاڪ ويهارڻ کان پوءِ چيو ويو ته نثار پنهور ۽ ان جو پٽ سي ٽي ڊي ۾ آهن، سڀاڻي تائين واپس اچي ويندا، درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته هن وقت تائين ايف آءِ آر به داخل ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي اسان جي درخواست جمع ڪئي وئي.
-
سماج جي ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبائي حڪومت جي ڀاڱي ڀائيوارن تي زور ڀريو آهي ته اهي سماجي تحفظ جي قيام لاءِ پنهنجون گڏيل ڪوششون ڪتب آڻيندي سماج جي ڪمزور طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مقامي هوٽل ۾ سنڌ ۾ سماجي تحفظ بابت مشاورتي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ صوبائي وزير اطلاعات احمد شاهه، سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن رفيق مصطفيٰ شيخ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو، سوشل پروٽيڪشن بورڊ جو وائيس چيئرمين حارث گزدر، سي اي او سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي سميع شيخ شرڪت ڪئي جڏهن ته آن لائين تي UN-FAO جي نمائندو مسٽر ايمنيوئل. مونڪاڊا، ڊين IBA ڪراچي ڊاڪٽر عاصمه حيدر، بي آءِ ايس پي جي چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سوشل سيڪيورٽي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اٿارٽي سان گڏ ڪم ڪري هڪ جامع روڊ ميپ ۽ ايڪشن پلان تيار ڪري بهتر نتيجن سان گڏ ان جي نگراني ۽ خدمتن جي پهچ کي وڌايو وڃي.
-
سنڌ سرڪار پاران پنج فيبروريءَ تي عام موڪل جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ سرڪار پنج فيبروريءَ يومِ ڪشمير جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ حڪومت طرفان پنج فيبروري جو ڏهاڙو ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور ملهايو ۽ صوبي ۾ عام موڪل هوندي. ان کان اڳ وفاقي حڪومت به 5 فيبروري ڪشمير سان يڪجهتي واري ڏهاڙي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو هو.