ميان صاحب ڀرسان وين کاهي ۾ ڪري پئي، ڊرائيور سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان ٺل همايون روڊ تي تيز رفتار مسافر وين ٽاءِ راڊ ٽُٽڻ سبب کاھي ۾ ڪري پئي، وين ڊرائيور سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 مسافر زخمي ٿي پيا، ڀرسان ٺل ھمايون ميان صاحب روڊ تي امروٽي ڪانٽي ڀرسان جيڪب آباد کان ٺل ويندڙ مسافر وين تيز رفتاري سبب ٽائي راڊ ٽٽي پوڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، وين کاهي ۾ ڪرڻ سبب مير پور ٻرڙو واسي 30 ورهين جو نوجوان طارق علي پٽ عبدالنبي ٻرڙو، ٺل جي ڳڙهي حسن واسي نوجوان 32 ورهين جو سجاد علي پٽ سردار خان سرڪي ۽ جيڪب آباد جي نوراهه واسي پيرسن افخاني پٽ محمد عمر لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته وين ڊرائيور نھال جکراڻي سخت زخمي ھجڻ ڪري جيڪب آباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، زخمين ۾ محمد عامر پٺاڻ، عبدالنبي ڪلر، محمد موسا ٻرڙو، عبدالرحمان ماڇي، سمير لاشاري، محمد امين لاشاري، علي نواز عارباڻي، شمس الدين جکراڻي مسمات صبا عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، ايمبولينس نه ھجڻ سبب لاشن کي لوڊر رڪشائن تي اسپتال اماڻيو ويو، سخت زخمين کي جيڪب آباد، شڪارپور سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو جن مان ڪجھه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.