بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بجلي  جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين نيپرا کي ڊسمبر 2023ع لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 62 پئسا واڌ جي درخواست جمع ڪرائي هئي، جنهن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ميمبر نيپرا رفيق شيخ پڇاڻو ڪيو ته ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي ۽ نظام ۾ مشڪلاتن جو بار ڪيترو آهي؟ هي نظام ڪيستائين هلندو، ان جو ڪهڙو پلان آهي يا ائين ئي وڪالت ڪندا رهنداسين؟ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين مسئلا هلي رهيا آهن، اهي حل ڪيستائين ٿيندا؟ ٻڌڻي دوران ميمبر نيپرا مطهرنياز رانا چيو ته ايٽمي فيول کي ريفيول ڪرڻ سان ايٽمي توانائي گهٽ پيدا ٿي. ان دوران، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي اڳڀرائي واري ترتيب جي طلب ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.