ن ليگ جي مقبوليت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي پئي: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ن ليگ جي مقبوليت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهي آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته رڳو ن  ليگ ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.لاهور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سندس مقبوليت پي ڊي ايم جي حڪومت نه پر ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هنگامي قدمن جي ڪري گهٽجي وئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن هو اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو هجي ها ته جيل جون سزائون نه ڪاٽي ها ۽ نه ئي نيب جي سزا ڀوڳي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.