وادي تيرا، ڪوهسار مري، سوات ۽ مالم جبا ۾ برفباري، ٿڌ ۾ واڌ

مري/مظفر آباد  (م ڊ ) برفباري کانپوءِ خيبر جي وادي تيرا جا جبل برف جي اڇي چادر سان ڍڪجي ويا آهن. برفباري سبب سياحن جو مزو ٻيڻو  ٿي ويو آهي. ڪوهسار مري ۾ جاري برفباري موسم کي ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سوات، مالم جبا ۽ ڪالام ۾ سياحن جي پيهه وڌي وئي آهي. آزاد ڪشمير ۾ برفباري سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ رستا بند ٿي ويا. ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي برفباري سبب وادين جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري سبب هر طرف اڇاڻ ڇانئجي وئي آهي.  مري ۾ 8 فوٽ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ايوبيا ۽ نهتياگلي ۾ هڪ فوٽ کان وڌيڪ برف پئي آهي. سياحن جو وڏو انگ به مري پهچي ويو آهي ۽ شهري خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو چوٿين ڏينهن به جاري رهيو. لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ٿي ويا. ڪيترائي رستا بند ٿيڻ سبب مظفر آباد کان ليپا وادي، نيلم وادي ۽ ڪنگا چوٽي سميت ٻين مٿانهين علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.