سنڌ جي ساڃاھه وندن جو وقتائتو ردعمل

سنڌ جي اديبن، شاعرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻھن انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا)  جي ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ان کي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ھيٺ آڻڻ واري عمل کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو، نصير ميمڻ، نور الھدي شاھه، يوسف لغاري، عرفانه ملاح، ريحانه نظير، شازيه نظاماڻي، شھنيلا زرداري، ضمير گھمرو، فيض صديقي، مشتاق ميراڻي، روزينا جوڻيجو، فضل الله قريشي، امر سنڌو، پروفيسر امداد چانڊيو، ڊاڪٽر مسرت حسين، حميرا رحمان، اسلم  خواجا، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو ۽ ٻين پنھنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته وفاقي ڪابينا کي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو ڪو به آئيني حق ناھي. ھنن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 154 ۽ 155 تحت ارسا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو موضوع آھي، ان ڪري ارسا جي معاملن تي وفاقي ڪابينا جو ڪو به اختيار ناھي.

اسان جي ملڪ ۾ الميو اھو آھي ته ھتي ڪير به پنھنجي حد ۾ رھي ڪم ڪرڻ کي پنھنجي شان و شوڪت جي خلاف سمجھندو آھي. ان ڳالھه جو اظھار چيف جسٽس قاضي فائز عيسي به ھڪ ٻڌڻي جي دوران ڪيو آھي ته ھتي ڪير به پنھنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھرڪو پنھنجو ڪم ڇڏي ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ٿو.

غلط فيصلن، غلط پاليسين ۽ نامناسب روين سبب ملڪ گھڻ رخي مسئلن جو شڪار بڻجي چڪو آھي، پر طاقتور ڌريون آھن. جيڪي سڌرڻ ۽ پنھنجي ھٺ ڌرمي تان لھڻ جي بدران ويتر چڙ ڏياريندڙ فيصلا ۽ غير آئيني عمل ڪري صوبن جي وچ ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ پيدا ڪري رھيون آھن. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اھو پنھنجي نوعيت جو سنگين ڏوھه آھي، جيڪو ملڪ دشمني جي دائري ۾ پڻ اچي ٿو. ڇا ڪاڻ ته ملڪ جو آئين ٽوڙي غير آئيني ڪم ڪرڻ، پوءِ اھو ڪھڙي به صورت ۾ ھجي، جرم آھي. ٻيو ته ان عمل سان قومن جي وچ ۾ تضاد ۽ تڪرار پيدا ٿيندو آھي، جيڪو اڳتي ھلي تباھي جو سبب ۽ سامان بڻجي ويندو آھي. صوبن سان لاڳيتي ناجائزي ۽ قومن جي لڳاتار حق تلفي ماڻھن کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪندي آھي، جيڪو ڪجھه ماضي ۾ بنگالين سوچيو هو ۽ ھاڻ بلوچ سوچي رھيا آھن.

جڏھن ته ملڪ ان موڙ تي بيٺل آھي، جتي ڪنھن به  ننڍڙي غلطي جي ڪا به گنجائش ناھي ۽ ھر قدم سوچي سمجھي کڻڻ گھرجي ته جيئن قومن جي وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد گھٽ ٿين ۽ ملڪ جي مستقبل بابت مختلف  تجزئي نگارن پاران ظاھر ڪيل خطرناڪ خدشا ختم يا گھٽ ٿي سگھن ۽ عالمي قوتن کي اندروني معاملن ۾  مداخلت ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھي.

ملڪي تاريخ ۾ ننڍن صوبن تي سدائين پنجاب جي بالادستي قائم رھي آھي، پنجاب پنھنجي ان بالادستي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناھي، پوءِ ان جو نتيجو ڪھڙو به نڪري ان جي کيس ڪا پرواھه ۽ ڳڻتي ناھي.  ٻين صوبن سان گڏ  سنڌ کي به پنجاب کان ڪيئي شڪايتون آھن، ڇو ته اھو نه رڳو سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائيندو رهيو آهي پر ھر معاملي تي ساڻس زيادتي به ڪندو رھيو آھي، جنھن ۾ ان جو ان معاملي ۾ ھر دور جون وفاقي حڪومتون، پوءِ اھا آمرانه، چونڊيل توڙي نگران ئي ڇو نه ھجي، پڻ ساٿ ڏنو آھي.

موجوده نگران حڪومت پڻ پنھنجي اختيارن کان وڌيڪ ڪم ڪندي نظر اچڻ لڳي آھي، جيڪا ڪارونجھر جي ڪٽائي تي بضد آھي. سنڌي ماڻھن جي سخت احتجاج جي باوجود به اھا ملڪي مفادن جي خاطر ٻه قدم پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته ٿيڻ ته ايئن گھرجي ھا ته نگران سرڪار سنڌي ماڻھن جي احتجاج ۽ ھائي ڪورٽ حيدرآباد بينچ جي فيصلي، جنھن کي سپريم ڪورٽ به برقرار رکيو،  جو احترام ڪرڻ گھرجي ھا، پر اھا ٻئه قدم ھٽڻ جي بدران ڏھه وکون وڌيڪ اڳتي وڌي وئي آھي، جيڪا ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري، جنھن جو کيس اختيار به حاصل ناھي، سنڌ جي حصي جو پاڻي گھٽائي ان سان چولستان جون زمينون آباد ڪرڻ چاھي ٿي، جڏھن ته پاڻي جي کوٽ سبب چولستان کان وڌيڪ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد پيل آھي. نگران سرڪار جيڪا تڪراري فيصلا ڪري صوبن ۾ وڌيڪ تضاد پيدا ڪري رھي آھي، اھا ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار ڪيئن عوامي نمائندن کي منتقل ڪندي؟

اسان پنھنجي اھا ڳالھه ورجائي رھيا آھيون، جيڪا ڪيترائي ڀيرا اڳ ۾ به چئي چڪا آھيون ته ملڪي استحڪام، امن ۽ سلامتي لاءِ اھو ضروري آھي ته تڪراري فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.