سنڌ بجيٽ: اپوزيشن جي احتجاج تي وڏي وزير تقرير روڪي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنهنجي بجيٽ تقرير روڪڻي پئجي وئي.
ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تقرير جو بائيڪاٽ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ان ڪري اسان بجيٽ تقرير جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا.
ٻئي پاسي سنڌ ڪابينا نئين مالي سال 2026-27 جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
نئين مالي سال جي 35 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ ۾ اهم تجويزون شامل آهن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
غير ترقياتي بجيٽ ۾ 418 ارب رپين جي واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ ۾ وڏي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.
ضلعن جي ترقياتي بجيٽ 55 ارب رپين مان گهٽائي 15 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي.
ٻوڏ متاثر گهرن جي اڏاوت لاءِ 97 ارب رپيا، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 6 سئو بسترن واري اسپتال جي تعمير لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي سيف سٽي پراجيڪٽ فيز ون لاءِ 90 ڪروڙ رپيا، جڏهن ته گڊو ۽ سکر بئراج جا گيٽ تبديل ڪرڻ لاءِ 12 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان 11 ارب ورلڊ بئنڪ طرفان ملندا.
ان کانسواءِ 295 اسڪولز کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 9 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

You might also like