گلگت بلتستان چونڊن ۽ آزاد ڪشمير صورتحال تي پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر تجزئي نگار سجاد انور چيو آهي ته ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ايندڙ ڏينهن دوران اهم تبديليون ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿيون، جتي هڪ پاسي پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلافن ۾ شدت اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪِ انصاف سان قومي ڳالهين جا امڪان پڻ ظاهر ٿي رهيا آهن.هن چيو ته گلگت بلتستان جي تازن چونڊ نتيجن کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي تحريڪ، ۽ 27 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي چونڊن سبب وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ان سموري صورتحال جو اثر وفاقي بجيٽ تي به پئجي رهيو آهي.هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بابت پنهنجي تقرير ملتوي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ ته  سندس دعويٰ هئي ته کيس جيڪو بجيٽ مسودو ڏيکاريو ويو هو، اهو اسيمبلي ۾ پيش ڪيل مسودي کان مختلف هو.سجاد انور موجب، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اختلافن جي اصل نوعيت دراصل پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ آهي، جيڪا هاڻي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ 28هين آئيني ترميم بابت اختلاف پيدا ٿيا هئا، پر صدر آصف علي زرداري صوبن کان وفاق کي مالي سهڪار ڏياري معاملو ٽاري ڇڏيو.هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي اسٽيبلشمينٽ نٿي چاهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي مڪمل اڪثريت سان حڪومت ٺاهي. هن  چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي بجيٽ جي حمايت نه ڪئي ته حڪومت پاڪستان تحريڪِ انصاف يا پيپلز پارٽي جي ڪجهه ميمبرن کي ساڻ ڪري بجيٽ منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي، جنهن سان سياسي ماحول وڌيڪ تلخ ٿيڻ جو خدشو آهي.ايندڙ ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو خلاف ميڊيا مهم به هلي سگهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد ۽ سرفراز چيما حڪومت کي خط لکي قومي ڳالهين جي شروعات ۽ آئين تي مڪمل عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

گلگت بلتستان ۾ ڪامياب 4 آزاد اميدوار استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل

اسڪردو (م ڊ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل 4 آزاد اميدوارن استحڪامِ پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۾  شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ميمبرن وفاقي وزير عليم خان سان ملاقات جي موقعي تي شموليت جو اعلان ڪيو. آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندڙ اميدوارن ۾ جي بي اي 15 ديامر مان محمد دلپذير، جي بي اي 21 غذر 3 مان امان علي، جي بي اي 23 گانچي مان انور علي ۽ جي بي 24 گانچي 3 مان اسد شفيع شامل آهن. ان موقعي تي دلپذير خان چيو ته اسان چئني اميدوارن هڪ گروپ ٺاهي آءِ پي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.سندس چوڻ هوته اسان ٻين آزاد ۽ ايم ڊبليو ايم جي اميدوارن سان پڻ رابطي ۾ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻين اميدوارن کي به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏينداسين ۽ اسان جي بي اسيمبلي ۾ ٻي وڏي پارٽي بڻجي اُڀرنداسين.

 

You might also like