ملڪ ۾ عام چونڊون ايتريون ڏکيون اڳ نھ ھيون جھڙيون ھن ڀيري ٿي ويون آھن.اليڪشن جي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ 8 فيبروري ۾ ھاڻي تھ اڌ مھينو کن وڃي رھيو آھي پر ڪنھن بھ سطح تي ڪو ماحول جڙندي نظر نھ پيو اچي.ايئن نھ آھي تھ سياسي جماعتون سرگرميون نھ پيون ڪن، پر ھن ڀيري جيڪي قانوني اٽڪلون ۽ رنڊڪون پيدا ٿيون آھن، انڪري ڪو خاص جوش ڪنھن بھ ڪنڊ پاسي کان نظر نٿو اچي.
چونڊن جي سلسلي ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪاميٽي ۾ گهرو سيڪريٽري سميت چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز شامل هوندا. نوٽيفڪيشن ۾ٻڌايو ويو ته ڪامِيٽي 7 ميمبرن تي ٻڌل آهي. مواصلات وارو وزير ڪاميٽي جو ڪنوينر هوندو، ڪاميٽي چونڊن جي بهتر اهتمام لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪندي ۽ اضافي سڪيورٽي جي هنگامي ضرورت تي هدايتون به جاري ڪندي.
اھڙي ريت وري ھڪ عدالت ھڪ عجيب حڪم نامو جاري ڪيو آھي،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ شهر ۾ عوامي جاين تي بل بورڊز، پينا فليڪس پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سمورن سياسي اڳواڻن جون تصويرون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نديم اختر چيو ته بل بورڊز۽ بورڊنگز ۽ فلائي اورز سميت هيڊ برجز تي جنهن سياسي اڳواڻ جي تصوير هوندي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ شهري انتظاميا کي حڪم جاري ڪيو ته تصويرون لڳائڻ واري سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان شهر ۾ رهڻ وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان مهذب شهري آهيون، عدالت ڪي ايم سي سميت ٻين ادارن کي حڪم ڏنو ته هن شهر کي جهنگ نه ٺاهيو، پنهنجي ذميواري پوري ڪريو، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل چيو ته اسان ڪارروائي ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه رڪارٽون آهن، عدالت سخت ڪاوڙجو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪارروائي نٿا ڪري سگهيو ته ڪنٽونمينٽ بند ڪري ڇڏيو، عدالت شهر ۾ بل بورڊز ۽ هورڊنگز هٽائي 31جنوري تي رپورٽ پيش ڪري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت جو اھڙو حڪم شايد پھريون ڀيرو آيو آھي، ملڪ ۾ عام چونڊن جو ھڪ مقصد سياسي اڳواڻن جو عوام سان تعلق ۽ پنھنجو تعارف پڻ ڪرائڻ ھوندو آھي، پر عدالت جي اھڙي حڪم سان اھي اڳواڻ پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان محروم رھجي ويندا.
ٻئي پاسي ملڪ ۾ ھڪ عام اميدوار مقرر ڪيل مالي حد کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ٿو، اھڙيون ڪيتريون ئي رپورٽون اليڪشن کانپوءِ آڏو اينديون رھنديون آھن، پر ان پاسي ڪڏھن بھ ڪنھن عدالت اھڙو ڪو سخت حڪم جاري نھ ڪيو آھي.ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ اختياريون ۽ عدليھ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائن تھ ھر ڌر کي عام اليڪشن ۾ ھڪجھڙو موقعو ملي رھيو آھي يا نھ پر، ان پاسي بنھ گھٽ ڌيان ڏنو ويو آھي.جنھن ڪري ھن وقت بھ ڪجھه سياسي حلقن جي اھا شڪايت پنھنجي جاءِ تي موجود آھي تھ انھن سان زيادتي ٿي رھي آھي.
الڪشن ڪيمشن آزاد ھوندي پر اليڪشن آزاد ڪرائڻ ۽ اھا اھڙي آزاد ۽ منصفاڻي ھجي جئين ان تي سمورين ڌرين کي يقين ٿئي ۽ اھا ڳالھھ ھر سطح تي جاچي سگھجي.
ڪراچي ۾ گئس کوٽ خلاف احتجاج ۽ اختيارين جي بي ڌياني
ھر سياري جي مند ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي،اختياريون ان جا مخلتف سبب بيان ڪن ٿيون،پر ھن ڀيري ڪراچي شھر جي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ ۾ ڪافي وقت کان مسلسل گئس جي کوٽ جي ڪري ماڻھون پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن.
ڪراچي ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بلن ۾ ظالماڻي واڌ خلاف جماعت اسلامي پاران سوئي سدرن گيس ڪمپني هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي ۾ مزدورن ۽ گئس جي ستايل ماڻهن توڙي عورتن وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرين گيس انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، مظاهري ۾ انٽر بورڊ جا متاثر شاگرد به شريڪ ٿا.ڪراچي جي مخلتف علائقي لائينز ايريا، اورنگي ٽائون ۽ نيو ڪراچي مان به عورتن جي وڏي انگ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن عورتن جو چوڻ هو ته سوئي گيس جا آفيسر هڪ ڏينهن ڪاٺين تي ماني پچائين تھ کين خبر پئجي وڃي، متاثرن موجب ننڍڙا ٻار بکيا اسڪول وڃن ٿا، ڳرا بل ڀريندا آهيون ان باوجود گيس فراهم نٿي ڪئي وڃي.
ھر سياري ۾ قدرتي ٻارڻ واري گئس جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آھي،جنھن ڪري ان جي وارابندي ڪئي ويندي آھي،پھرين ھڪڙي پاسي کي گئس ڏبي آھي پوءِ وري ٻئي علائقي کي ڏبي آھي.جيڪڏھن ڏسجي تھ دنيا ۾نعم البدل توانائي تي ڪم ٿي رھيو آھي.پر اسان وٽ اھڙي پاسي ڪو بھ ڪم نھ پيو ڪيو وڃي.ٻئي پاسي ھاڻي جي توانائي کي محفوظ ڪري فائدو ورتو پيو وڃي، بجلي تي ھلندڙ انجڻ جو لاڙو بھ وڌيو آھي.جنھن سان پيٽرول ۽ گئس تي گھٽ دٻاءُ پوي ٿو.گڏوگڏ انھن سمورين توانائين جي محفوظ استعمال واري طريقي تي پڻ عمل کي يقيني بڻايو ويو آھي.ان تي پائيدار ترقي جي نظريي تي عمل ٿي رھيو آھي،جنھن جو نھ رڳو ڪنھن ھڪ ڌر پر سموري انسانيت کي فائدو پھچي ٿو.
جيڪڏھن سرڪار يا وري ڪو نجي ادارو ان تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري تھ ڪر ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ گس ۽ پاسا ڳولي سگھجن ٿا،بجلي اسان وٽ پاڻي،ڪوئلي ، گئس۽ ھوا مان پيدا ڪئي وڃي ٿي، دنيا ۾ ٿيل تجربن موجب ڪيترن ئي ٻين سستن طريقن سان بجلي پيدا ٿي رھي آھي،نھ رڳو ايترو پر سولر سسٽم سان بھ بجلي ۽ گئس تي وڌندڙ دٻاءُ کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو.ملڪي سطح جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط گئس تي ڀاڙڻ سان ان جي ڪنھن نعم البدل نھ ھئڻ ڪنھن وقت سمورو نظام ئي رڪجي نھ وڃي.
گذريل سان گئس جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ھو،جنھن موجب گئس جي قيمت 200 سيڪڙو واڌئي وئي ھئي، پر ان باوجود ملڪ ۾ سستي ۽ ماحول دوست ھن ٻارڻ جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ واري پاسي ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو.جنھن ڪري ملڪ جي عام ماڻھون جي بجيٽ تي گھڻو بار پئجي رھيو آھي.