عام چونڊن جي خرچ جو ڪاٿو 49 ارب رپين کان به وڌي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن ۽ ٻين خرچن جي واڌ سان چونڊ خرچن جو ڪاٿو 49 اربن کان وڌي ويو.
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کان 47 ارب رپين جي ڊمانڊ ڪئي هئي، جيڪي مرحلي وار اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪئي پئي وڃي.
ملڪ ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ سرحدي صورتحال کي ڏسندي پوليس، رينجرز، فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ ساڍا 3 ارب رپين جي ڊمانڊ ڪري ڇڏي آهي.
ان حوالي سان رڳو پنجاب پوليس عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان هڪ ارب 19 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.