اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ادڪارا ثناءَ جاويد سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ مشهور اداڪارا ثناءَ جاويد سان شادي ڪري ڇڏي.
ڇنڇر جي صبح شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون، جوڙي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ” الحمد الله “ لکيو ۽ گڏوگڏ قرآن مجيد جي آيت پڻ لکي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Shoaib Malik (@realshoaibmalik)


خانداني ذريعن موجب، ثناءَ ۽ شعيب ملڪ جي شادي جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ دوستن ۽ ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي، شادي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي هئي.
ان کانسواءِ ثناءَ جاويد انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي نالو ثناءَ جاويد مان تبديل ڪري ثناءَ شعيب ملڪ رکي ڇڏيو.
اپريل 2010 ۾ شادي ڪندڙ جوڙي شعيب ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا وچ ۾ طلاق جا افواهه ڊسمبر 2022ع کان گردش ڪري رهيا هئا.
طلاق جي خبرن کي ڪيئي مهينا گذري وڃڻ باوجود ٻنهي طرفان ان معاملي ڪا تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي هئي، ٻنهي کي هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.
شعيب ملڪ جا گهرڀاتي ثانيا سان شادي ختم ڪرڻ تي ڪاوڙيل، ردعمل سامهون اچي ويو
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سان طلاق تي ڪرڪيٽر جا گهرڀاتي ڪاوڙيل آهن.
شعيب ملڪ جي ڀيڻيوي عمران ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ته قومي ڪرڪيٽر جي گهرڀاتين مان ڪنهن به شادي ۾ شرڪت نه ڪئي، سندس گهرڀاتي ثانيا مرزا سان شادي ختم ٿيڻ تي ڏکوئل آهن.
سندس چوڻ هو ته شادي جي سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي آهي، خاندان مان ڪنهن به شادي ۾شرڪت نه ڪئي هئي، شعيب ۽ ثانيا مرزا جي عليحدگي جو ڏاڍو افسوس آهي.
ذريعن موجب ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ ۾ باظابطا طلاق ٿي چڪي آهي ۽ قانوني حيثيت سان شعيب ملڪ پٽ سان دبئي۾ ملندو رهندو آهي، شعيب ۽ ثانيا جا لاڳاپا خراب ٿيڻ تي شعيب ملڪ جي فيملي دبئي به وئي هئي.
شعيب ملڪ جي فيملي 2022ع جي آخر ۾ ٻه هفتا دبئي ۾ رهي ۽ جوڙي جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، شعيب ملڪ جي فيملي ثانيا مرزا سان طلاق جي حق ۾ نه هئي، طلاق ٿيڻ تي شعيب ملڪ جي فيملي کي ڏاڍو ڏُک ٿيو.
ذريعن موجب، ثانيا مرزا، شعيب ملڪ کان طلاق ورتي، ثانيا مرزا، شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان ميل ميلاپ مان خوش نه هئي، ثانيا هڪ عرصي تائين نظرانداز ڪندي رهي پوءِ برادشت جي حد ختم ٿيڻ تي ثانيا انتهائي قدم کنيو.
ذريعن جو چوڻ اهي ته فيملي شعيب ملڪ کي به لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو چيو، جڏهن ته ڪرڪيٽر جا اداڪارا ثناءَ جاويد سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.