سرفراز احمد مايوس ٿي ملڪ ڇڏي ڏنو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي خاندان سميت پاڪستان ڇڏي لنڊن منتقل ٿيڻ واريون خبرون ڪوڙيون نڪتيون.
ڪرڪيٽر جي ويجهن ذريعن موجب، سرفراز احمد جي پاڪستان ڇڏڻ وارين خبرن ۾ ڪا سچائي ناهي، سرفراز اڄڪلهه لنڊن ۾ موڪلون گذاري رهيو آهي ۽ هو جلد پاڪستان واپس ايندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد پي ايس ايل ۽ علائقائي ليگ به کيڏندو، سرفراز احمد جي گهرواري لنڊن ۾ ئي رهندڙ آهي ۽ سندس پٽ به لنڊن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي.
ذريعن موجب، سرفراز احمد پهريان به واپسي ڪئي هئي ۽ هڪ ڀيرو پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي ڪندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي سرفراز احمد جي مايوس ٿي ملڪ ڇڏڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.