اسان کي خطرو آهي، رينجرز سيڪيورٽي نه ڏني وئي: ام رباب

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) ميهڙ ۾ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو،  ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برھان چانڊيو ۽ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو به عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي گوھر چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ذوالفقار چانڊيو کي پوليس حيدرآباد سينٽرل جيل کان عدالت آندو، ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن سبب جي ڪري رينجرز جي سيڪيورٽي نه ڏني وئي، اسان کي خطرو آهي، ڊي جي رينجرز سيڪيورٽي بابت نوٽيس وٺي، اسان کي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏني وڃي، منهنجي 3 گھرڀاتين جي قتل ڪيس کي 6 سال مڪمل ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين انصاف پلئه نه پئجي سگھيو،6 سالن کان انصاف جي منتظر آھيان, عدالتن تي يقين آھي انصاف ضرور ملندو ڪيس ۾ شاھد کان الزام ھيٺ آيل ڌر جي وڪيل پاران اڄ آڏي پڇا مڪمل ٿيڻي ھئي پر الزام ھيٺ آيل جوابدار ڌر جو وڪيل نه ھجڻ سبب تاريخ ورتي وئي آھي، هن چيو ته قوم ۽ نوجوانن ۾ شعور پيدا ٿئي پيو برھان خان چانڊيو کان نوجوان پاران اليڪشن مهم دوران سوال ڪيو ويو جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ڏسي خوشي ٿي ته هاڻي ماڻھو سرداري نظام خلاف اٿي بيٺا آھن عوام کي حق آھي ته ھو ووٽ وٺڻ لاءَ ايندڙ اميدوارن جي گريبان مان پڪڙي انهن کان پڇا ڪن ته ھنن اقتدار ۾ رھي ڪري عوام لاءِ ڇا ڪيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.