عوامي جمهوري پارٽي پاران چونڊن ۾ اياز لطيف پليجو جي حمايت جو اعلان

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ ) قومي عوامي تحريڪ جو وفد اشرف پليجو ۽ رينت سمون جي اڳواڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي آفيس علمدار چوڪ  حيدرآباد پهتو، عوامي جمهوري پارٽي طرفان نظير قريشي، نور نبي راهوجو ۽ ڪليم ملڪ موجود هيا. عوامي جمهوري پارٽي چونڊن ۾ اياز لطيف پليجو جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو،  ان موقعي تي عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن چيو ته پ پ سنڌ جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن کي مال غنيمت سمجهي وڪڻي ڇڏيو آهي. ملڪ وڏي بحران مان گذري پيو، ڪرپٽ حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري عوام ڀوڳي ٿو، عوام مهانگائي بک بدحالي جو شڪار آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام پ پ مان جان ڇڏائڻ لاءِ عوام دوست روشن خيال ترقي پسند سوچ رکندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ پهچائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.