پاڪ ايران ڇڪتاڻ ۽ ”سرمچار“ آپريشن

انور ساجدي

پاڪستان ۽ ايران ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آھي اتنهن جي ٻنهي ملڪن کي ضرورت نه هئي، ٻي ڳالھھ ھي ته وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ کي،ايراني نار، عربي سمنڊ يا اصل ۾ بلوچ سمنڊ تائين وڌايو ويو آهي، ڇا ان جي پويان ڪي ايراني ارادا  لڪيل آهي يا اها ڪا آمريڪي سازش آهي، ڇاڪاڻ تھ ان سان ايران پنهنجي پاڙيسري سان ڦاٿل،منجھيل رھندو ۽ پاڪستان به بان ڪنھن تڪليف جي ھڪ ڀيرو ٻيھر آمريڪي مفادن جي ڪيمپ ۾ هليو ويندو، بلڪھ هليو ويو آهي.

جنگ جو فوري نشانو سرحد جي ٻنهي پاسن تي رهندڙ بلوچ آهن،اھي بھ عورتون ۽ ٻار.  جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي ڪارروائي بلوچستان جي ٻنهي حصن تائين محدود رهي ته بلوچن جي وڏي آبادي آساني سان ھن غير متوقع آفت جو شڪار ٿي ويندي. تڪرار يا جنگي حالت جو ڪو ٻيو ھدف پاڪستان جون چونڊون ٿي سگهن ٿيون جيڪي بظاهر 8 فيبروري تي ٿيڻيون آهن.

هي پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستان ايران جي اندر وڃي ڪري هوائي حملو ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ايران ۾ موجود بلوچ دهشتگرد  ڪئمپن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته جيڪي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن اهي ننڍي عمر جي بلوچ نياڻين جون آھن.جيڪي ڪارراوئي جو نشانو بڻيون آھن.اھڙي طرح ايران ٽي ڏنھن اڳ اوڀر بلوچستان جي علائقي سبزڪوه ۾ جيڪا ڪارروائي ڪئي ھئي ان  ۾ ٻه بلوچ ڇوڪريون فوت ٿيون هيون.

ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان-ايران ڇڪتاڻ کي چين وچ ۾ پئي ڪيتري حد تائين روڪي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته چين ايران جي حملن کانپوءِ هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن کي صبر۽ تحمل کان ڪم وٺڻ  تي زور ڏنو هو. جڏهن ته وچ اوڀر جي تناظر ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار يا باقاعدي جنگ آمريڪا جي وسيع تر مفاد ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته غزه جي صورتحال حماس، حزب الله ۽ حوثي فورسز  سبب پيدا ٿيل حالت ۾، آمريڪا ايران جو گهيرو تنگ ڪرڻ چاهي ٿو، ڪيترائي سال اڳ اسرائيل جي وزيراعظم چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا نه روڪي ھا،ھو بنا دير  ايران تي ايٽمي حملو ڪري ڇڏي ھا. اهڙي طرح ايران بھ اڃا تائين پنهنجا ڊگھي رينج جا ميزائل اسرائيل تي ناهن آزمايا، ايران رڳو پنهنجي پراڪسي تنظيمن کي استعمال ڪري اسرائيل کي تنگ ڪري رهيو آهي، هن عملي طور تي پاڻ کي جنگ کان پري رکيو آهي.

پھرين نظر ۾،جيڪڏهن پاڪستان ۽ ايران ۾ فوري طور تي امن نه ٿيو ته، هن خطي جو امن گھڻو خراب ٿيندو،جيڪڏھن آمريڪا اتحادين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سان گڏجي ڪري ڪارروائي ڪئي تھ آبنائي ھرمز کي بند ڪري ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي تيل سپلاءِ بند ڪري سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ آمريڪا لاءِ لازمي ٿيندو تھ اھو ايران خلاف ڪا وڏي ڪارروائي ڪري.

بين الاقوامي نقصان کان ھٽي ڪري جنگ جا فوري اثر ٻنهي ملڪن خاص ڪري بلوچستان تي وڌيڪ پوندا، سرحدي  واپار مڪمل طور بند ٿي ويندو،چور رستن کان تيل جو اچڻ بند ٿي ويندو.سفري سھولتون گھٽجي وينديون،جڏھن تھ بارڊر جي ٻنھي پاسن مسئلا ۽ مشڪلات وڌي ويندي. سي پيڪ  کي وڌيڪ نقصان پهچندو. جڏهن ته سرحد جي ھن پار گوادر بندرگاهه ۽  ھن پار چاھ بهار بندرگاهه بند ٿي سگهن ٿا.

تاريخ طور تي ڪراچي جي علائقي ”بنگلو“ يا ڪنڊ کان ويندي بندر عباس تائين جو سمنڊ بلوچ علائقو آهي، خان نصير خان جي شروعاتي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ هزار ڊگھو ڪلوميٽر سامونڊي ڪنارو هو، پر اڻوهين صديءَ ۾ ايران فارس جي بجاءِ پنھنجو نالو بدلائي ڪري ۽ آمريڪا جي ھشي تي  شاھ ايران اقوام متحده  مان ان سمنڊ جو نالو خليج فارس رکي ڇڏيو.ان وچ ۾ نار جي عرب ملڪن عربي سمنڊ جو نالو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو .هندومت  مطابق اهو هند ساگر جو هڪ حصو آهي،ايران ٻي عالمي جنگ يا تھران ڪانفرنس بعد ۾ وڏي پئماني تي ڊيموگرافي تبديليون شروع ڪيون.پھرين عالمي جنگ بعد انگريزن اولهھ بلوچستان کي تحفي طور ايراني سلطنت جو حصو بڻايو.1973ع جي بلوچستان جنگ کان پوءِ ايران بلوچستان صوبي سان لفظ سيستان جو اضافو ڪيو.ان سان گڏ ڪرمان کي ڪٽي ڪري وڏي پئماني تي  قاجار (گجر) آباديءَ کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو.ڪيترن ئي بلوچ علائقن کي جدا ڪري انھن کي ٻين صوبن ۾ ضم ڪري ڇڏيو. زاهدان ۽ چاھ بهار جي مکيه شهرن ۾ سرڪاري ملازمن جي صورت ۾ ۽ سرمائداري جي نالي تي بلوچ آباديءَ کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1973ع واري تحريڪ کان ايترو ڊڄي ويا، جو ذوالفقار علي ڀٽي تي دٻاءُ وڌو ته هو واضح اعلان ڪري ته بلوچ تحريڪ کي ڪچليو ويندو.

اھڙي ريت 1972 ۾ بلوچستان ۾ نيپ جي حڪومت قائم ڪئي وئي ھئي.مير غوث بخش بزنجو گورنر هو ۽ سردار عطاءُ الله مينگل وڏو وزير هئا، ڀٽي ڪوئيٽا ميونسپالٽي جي گرائونڊ ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ شاھ ايران جي ڀيڻ کي خاص مهمان طور گھرايو ويو. جلسي جي اسٽيج تي ھڪ پاسي مير بزنجو ۽ ٻئي پاسي هڪ شهزادي اشرف  ويٺل ھئي.تقرير دوران ڀٽو صاحب جذباتي انداز ۾ شرڪت ڪندڙن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو هڪ شخص اٿي بيھي چئي تھ اھو ايران جي خلاف آھي تھ هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، پر شرڪت ڪندڙن ھن جي لڄ رکي. بھرحال  مير امان الله گچڪي، رحيم ظفر ۽ ظاهر بلوچ لڳاتار شرڪت ڪندڙن کي اشارو ڏئي رھيا ھئا تھ اھي چپ رهن. اصل ۾ شاھ ايران کي ڊپ هو ته جيڪڏهن اوڀر بلوچستان الڳ ملڪ بڻجي ويو ته اولھھ بلوچستان به ان جو حصو بڻجندو. ڀٽو صاحب  ان وقت گريٽر بلوچستان جو شوشو ڇڏيو ھو ۽ چيو ھو ته نواب خير بخش مري،جنرل شيروف، مير غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاءُ الله مينگل عظيم تر بلوچستان قائم ڪرڻ چاهين ٿا،حالانڪھ  مير بزنجو ۽ عطاءُ الله مينگل ڪڏهن به اهڙي ڪوشش نه ڪئي.

بلوچستان جي بغاوت کي چٿڻ جي لاءِ شاھ ايران پاڪستان کي ھٿيار ۽ هيلي ڪاپٽر بھ فراهم ڪيا هئا،جيڪي 1973ع ۾ چمالنگ آپريشن ۾ استعمال ڪيا ويا، اهوھڪ  تاريخي واقعو آهي ته شاھ ايران  ڀٽو کي چيو ھو تھ بلوچستان جي گورنر مير غوث بخش بزنجو کي ايران موڪلي جتي ھو شاھ ايران کي يقين ڏياري تھ  ھو ايران کي ٽوڙڻ جي ڪوشش نھ ڪندو.مير صاحب تهران ويو بھ ھو  ۽ شاهه سان ملاقات بھ ٿي ھئي. جنهن بعد مير صاحب جي ناناڻڪي عزيز مير ڪريم بخش سعيدي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. اھو ايراني پارليامينٽ جو رڪن بھ ھو.سمورين ڌرين جي يقين ڏيارڻ  باوجود ڀٽو صاحب 15 فيبروري 1973ع تي سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت برطرف ڪري ڇڏي.جڏھن تھ ان جي رستي صاف ڪرڻ جي لاءِ عراقي سفارتخاني مان هٿيار برآمد ڪرڻ جو ڊرامون رچايو ويو.ان جو سبب اھو ھو تھ  ايران ۽ عراق ۾ لڙائي ھلي پئي. صدام حسين ۽ احمد حسن البڪر، ايران کي سبق سيکارڻ لاءِ بغداد ۾ آزاد بلوچستان سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ۽ وائيس آف بلوچ ريڊيو اسٽيشن پڻ کوليو، جنهن جي جواب ۾ شاھ ايران ڪرد جي اڳواڻ  مصطفيٰ بزراني کي پاڻ وٽ پناهه ڏني وئي ته جيئن صدام حسين جي ذريعي ڪردن کي سبق سيکاريو وڃي.

امام خميني جي انقلاب کان پوءِ بلوچن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ٿيون .ان وچ ۾ جيڪو  آئين جڙيو. ان ۾ قرار ڏنو  ويو تھ صرف شيعا ئي اھم عھدي جا حقدار هوندا .ان آئين سني بلوچن،ڪردن ۽ اھواز جي عرب کي رياست کان الڳ ڪري ڇڏيو. جنھن جو مقصد  قومن کي آئيني طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ هو .امام خميني جي دور ۾، جند الله  نالي تنظيم قائم ٿي، ايران جو الزام ھو تھ ان جي پويان پاڪستان آھي. ان جي سربراهه مالڪ ريڪي،جي جهاز کي متحده عرب امارات ڏانهن واپسي تي،ايران ۾لاٿو ويو۽ پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ڦاهي ڏني وئي. ان بعد جند الله جي جاءِ تي  جيش العدل نالي تنظيم قائم ٿي. تازن حملن کان پوءِ ايران اعلان ڪيو ته ان پاڪستاني سرحد تي جيش العدل جي ٺڪاڻڻ حملو ڪيو.تازو ئي تڪرار دوران پاڪستاني اختيارين اعلان ڪيو ته ٻن علحدگي پسند بلوچ هٿياربند تنظيمن  جا ٽريننگ ڪيمپ ايران ۾ واقع آھن. جن کي نشانو بڻايو ويو آھي.

بھرحال پاڪستاني اهلڪارن ان هوائي حملن کي ”مرگ بر سرمچار“ جو نالو ڏنو، ان اعلان کان پوءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ  ۾ عام ماڻهو جيڪي لفظ سرمچار کان واقف نه هئا، انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته اهو ڇا آهي؟ سرمچار انهن هٿياربند بلوچن جو نالو آهي جيڪي جبلن ۾ وڙهندا رهيا آهن،پاڪستاني پرڏيھي آفيس جي ناداني ۾،بلوچستان مسئلي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرئي ڇڏيو ۽ پهريون ڀيرو دنيا کي خبر پئي ته بلوچستان جو مسئلو ڇا آهي ۽ ”سرمچار“ ڇا ڪري رهيا آهن. لڳي ٿو تھ پاڪستاني حڪمران  1970ع واري ڏھاڪي جي شاهه ايران ۽ صدام حسين جي تاريخ کي وري ورجائي رهيا آهن، پر هي 1970ع  ناهي، هي 21هين صدي آهي، مواصلات ۽ اطلاعات جو دور آهي، نھ تھ ڪا شيءِ لڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪو مسئلو کي لڪائي رکي سگهجي ٿو. ڪو به آواز ست سمنڊن پار تائين پهچي سگهي ٿو ۽ پنهنجو اثر قائم ڪري سگهي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.