وچ اوڀر جي جنگ وڌيڪ ڊگھي ٿي تھ اھا سموري دنيا ۾ پکڙجي سگھي ٿي.ڇاڪاڻ ھڪڙا علائقا ۽ ملڪ ھڪ ڌر جو پاسو کڻندا تھ وري ٻيا ملڪ ٻي پارٽي جي پاسي ٿيندا. ان ان جنگ جي پس منظر ۾ يمن سان تعلق رکندڙ حوثي باغين ڳاڙھي سمنڊ مان گذرندڙ اسرائيل بعد آمريڪا جي بحري جھازن تي حملا ڪيا،جنھن جي لاءِ حوثي باغين جو موقف آھي تھ اھڙا حملا غزا ۾ اسرائيل جي ڪيل حملن جي جواب ۾ ھنن جي فلسطينين سان يڪجھتي طور ڪيا ويا آھن.جنھن تي پھرين آمريڪا خبردار ڪندو رھيو پر گذريل ڪجھھ ڏينھن کان آمريڪا ۽ برطانيا گڏجي ڪري حوثين تي يمن ۾ حملا ڪرڻ شروع ڪيا آھن.
11 جنوري تي لڳ ڀڳ 73 حملا ڪيا ويا،جنھن ۾ لڳل ريڊارن کي نشانو بڻايو ويو.عالمي ميڊيا موجب حملن ۾ يمن جي شھرن صنعا،سعد،تيز،حجھ ۽ بندرگاھي شھر حديدھ کي نشانو بڻايو ويو.
برطانيا ۽ آمريڪا حملن جي لاءِ ٽام ھاڪ ميزائل ۽ جنگي جھاز استعمال ڪيا.چيو ٿو وڃي تھ ان ۾ 5 حوثي باغي مارجي ويا.جوبائيڊن موجب حوثين جي مسلسل بحري جھازن تي حملن جي جواب ۾ اھا ڪارراوئي ڪئي وئي آھي.جيڪڏھن حملا بند نھ ٿيا تھ وري ڪارروائي ڪئي ويندي.
ٻئي طرف يمن ۾ حوثي باغين تي آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل حملن کانپوءِ روس سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ھوڏانھن اسرائيل انصاف جي عالمي عدالت ۾ نسل ڪشي جي الزامن جي خلاف مقدمي ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي.
ايران يمن ۾ حوثي باغين تي آمريڪا ۽ برطانيا جي حملن جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهو قدم وچ اوڀر ۾ خطي جي عدم استحڪام لاءِ نئون خطرو بڻجي سگهي ٿو ۽ اهو عالمي قانونن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي.
حوثي باغين جو چوڻ آهي ته سندن حملن جو مقصد غزه پٽي ۾ اسرائيل جي جنگ کي روڪڻ آهي.پر انھن حملن هڪ اهم واپاري رستي لاءِ وڏو خطرو پئدا ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ايشيا ۽ وچ اوڀر کي يورپ سان ڳنڍي ٿو.حماس جمعي تي يمن جي حوثين مٿان آمريڪي ۽ برطانوي حملن کي سنگين ”نقصان“ قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي.
ٻئي پاسي حوثين جي حملن سبب خطي ۾ پئدا ٿيل خطري جي ڪري تيل جي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 4 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آھي.جنھن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت3.16 ڊالر وڌڻ سان اھا 80 ڊالر في بيرل ٿي ويو آھي.ماھرن موجب اھا صورتحال رھڻ سان تيل جي اگھن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آھي.