ماحوليات جي مضمون کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي

جيتوڻيڪ اڄ دنيا ۾ سڀني کان وڏو مسئلو ماحولياتي تبديلي آھي،پر ان تي نھ حڪومت ڳالھائڻ چاھي ٿي تھ ئي وري اھو عوام جو موضوع آھي،ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. اھا ڳالهھ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ڪئي وئي.فيسٽيول ۾ “ماحولياتي تبديلين” جي حوالي سان ھڪ سيشن بھ رکيو ويو ھو.جنھن ۾ ڳالھائيندي ماھرن جو چوڻ ھو تھ ماحول ھڪ سنجيده موضوع آھي.جنھن ڏانھن ڌيان ڏيڻ کانسواءِ معاملا بھتر نٿا ڪري سگھجن.ان دوران انجنيئر طارق اليگزينڊر چيو ته موسمياتي تبديليون سنجيده موضوع آھي، اسان وٽ پاڻي جي کوٽ آهي، مٺو پاڻي ملي ئي نٿو، درياهھ کي گند سان ڀريو ويو آهي، ڊيلٽا کي هٿ سان تباهھ ڪيو ويو آهي، ڊيلٽا جي ماڻهن جي حالت ڏسي نٿي سگهجي، ڊيلٽا هاڻ پنهنجي وجود جي آخري پساھ ۾ وڃي پھتو آھي، ماحوليات جي بھتري جي لاءِ ڊيلٽا جو بچڻ ضروري آھي.

ماحولياتي ماھر ناصر پنهور جو چوڻ ھو تھ اسان وٽ بنا ڪنهن رٿابندي جي شهري آبادي وڌي رهي آهي، ڪو بھ ماسٽر پلان ناهي، شھري آبادين پاڻيءَ جون قدرتي گذر گاهون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري درياهھ ۾ ايندڙ ٻوڏ ھاڻ شهرن ۾ ڪاهي پئي آھي. ھن چيو تھ شهر پٿرن جو جهنگ بڻجي ويا آهن، گرمي پد ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي،دنيا ماحول دوست توانائي ڏانهن وڃي پئي پر پاڪستان ماحول دشمن توانائي جي ذريعن کي هٿي ڏئي رهيو آهي. فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ فاطمھ مجيد موجب تمر جا ٻيلا مھاڻن جي لاءِ احترام لائق آھن، تمر جا ٻيلا سامونڊي پٽي جي ماڻھن جي لاءِ روزگار جو ذريعو پيدا ڪندا رھيا آھن، پر هاڻ تمر جا ٻيلا رهيا ناهن، تمر جا وڻ سمنڊ جي ڪٽاءُ کي روڪين ٿا، مڇين جي افزائش ڪن ٿا،سامونڊي طوفانن کي روڪيندا آهن. ھن چيو تھ تمر جو وڻ اتي وڌندو آهي جتي مٺو ۽ کارو پاڻي گڏجي ٿو، پر ورھين کان درياھھ سڪيو پيو آھي، سمنڊ تائين مٺو پاڻي پھچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، سنڌو درياهه هزارين ۽ لکين سال چرپر جي نتيجي پنهنجو وجود ٺاهيو، ان درياهھ کي 70 سالن جي عرصي دوران تباهه ڪيو ويو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڊيم اڏي،ڪئنال ڪڍي درياهھ کي سڪائي ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو.ھڪ اندازي موجب سمنڊ سنڌ جي 42 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سڄي ڪراچي شهر جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي پيو.

يقينن ماحول ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري سموري دنيا ڳڻتي ۾ ورتل آھي.جنھن ڪري دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ سان غيرمعمولي تبديليون ٿي رھيون آھن پر پاڪستان  ۾ ان پاسي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي،جنھن جا خطرناڪ نتيجا سامھون اچي رھيا آھن.اھو درست آھي تھ اھو مسئلو ڪو بھ ھڪ ملڪ پنهنجي سر حل نٿو ڪري سگھجي پر ان بابت مڪمل ڄاڻ ھئڻ  سان اسان پنھنجي امڪاني نقصان کي بچائي سگھون ٿا.

ماحوليات جي موضوع بابت ڄاڻ جي لاءِ ھن وقت جي گھرج آھي تھ اھو موضوع تعليمي نصاب جو حصو ڪيو وڃي،جيئن ان بابت ابتدا ۾ شاگردن کي ان جي معلومات ملي سگھي ۽ انھن وٽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ اثرن کان تحفظ کي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ملي سگھي.جيڪڏھن ھاڻي بھ ماحوليات کي نظرانداز ڪيو ويو تھ ان جو وڏو نقصان سھڻو پوندو.

پاڪستان ۾ ان پاسي ڏانھن ڌيان نھ ھئڻ ڪري ان جي شدت ۽ اثرن بابت ڪو خاص ادراڪ نھ آھي، ان ڪري انھن مسئلن کي  منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪا تياري بھ نھ ٿيل آھي.اڄ جي دور ۾ ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ ماحول بابت جديد ٿيل ريسرچ مان فائدو حاصل ڪنديان جي امڪاني خطرن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وڃي.جيئن وقت سر اھڙن خطرن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ رٿابندي ممڪن ٿي سگھي.

پي ٽي آءِ کان ڦرجي ويل نشان ۽ چونڊ ساک تي اڀريل سوال

 عام چونڊن جي تاريخ ويجھو اچي پئي آھي، ملڪ ۾ چونڊن جو ماحول بھ گرم ٿي ويو آھي، ان دوران پاڪستان تحريڪ انصاف کان “بيٽ“ جو نشان وري  ڦرجي ويو آھي،جنھن بعد ملڪ ۾ وري الڪشن ۾ ڌرين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ ۽ نھ ملڻ جو بحث شروع ٿي ويو آھي.سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکندي،پشاور هاءِ ڪورٽ پاران تحريڪ انصاف کي بيٽ جو چونڊ نشان واپس ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آھي.جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ کان ”بيٽ“ جو چونڊ نشان کسجي ويو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ ۾جواب ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊون نه ڪرائڻ تي 13 سياسي پارٽين کي ڊي لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته جمهوريت ملڪ سان گڏ سياسي جماعتن جي اندر به هجڻ گهرجي، بنيادي سوال پارٽيءَ جي آئين تي مڪمل عملدرآمد جو نه پر جمهوريت جو آهي . اڪبر بابر پي ٽي آءِ جو باني ميمبرآھي،اڪبر بابر استعيفيٰ ڏني آهي يا ٻي پارٽي ۾ ويو آهي ته اهو به ڏيکاريو، رڳو اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته پارٽيءَ جو ميمبر نه آهي، ڇا توهان جي حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو هو جو هاڻي ڪنهن ٻئي جي ماتحت ٿي ويو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان ليول پليئنگ فيلڊ گهرو ٿا، پنهنجي ميمبرن کي به ته ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻي پوندي.

ملڪ جي وڏي عدالت مان آيل فيصلي بعد ھاڻي پي ٽي آءِ وٽ ان جي خلاف اپيل ڪرڻ جو واحد رستو بچيو آھي پر وقت صفا ٿورو وڃي رھيو آھي.جنھن ڪري اھو مشڪل نظر اچي رھيو آھي.

قانوني پيچيدگيون پنھنجي جاءِ تي پر ملڪ جي آزاد حلقن جو خيال آھي تھ ھڪ وڏي سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف سان بي انصافي ٿي رھي آھي.پاڪستان اليڪشن ڪميشن ڀلي کڻي آئيني ادارو ھجي پر پي ٽي  آءِ، کي سوڙھو ڪرڻ ۾ ڪنھن بھ ڪا ڪمي نھ ڇڏي آھي.جنھن ڪري ھن ڀيري عام چونڊن جي ساک تي چونڊن کان اڳ ۾ سوال پيدا ٿي ويا آھن، جنھن ڪري ان جو اثر ملڪ جي سياسي مستقبل تي به پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.